پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ھلندڙ لهر جي پٺيان هڪ ڊگهي ۽ منظم سازش موجود آهي، جنهن ۾ افغانستان جي زمين دهشتگردن لاءِ محفوظ پناهه گاهه بڻيل آهي، جڏهن ته هندستان پردي پٺيان هن سڄي نيٽ ورڪ کي ٽيڪ ڏئي رهيو آهي. افغان طالبان حڪومت کليل طور تي تحريڪ طالبان پاڪستان کي محفوظ پناهه گاهون ۽ لاجسٽڪ مدد فراهم ڪري رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان خلاف دهشتگردي جا حملا تسلسل سان وڌي رهيا آهن.ان سان گڏ ئي هندستاني ڳجهي ايجنسي ‘را’ ان سڄي رٿابندي کي مالي ۽ فني مدد فراھم ڪري رھي آھي.تھ جئين پاڪستان کي عدم استحڪام جو شڪار بڻائي پنهنجن توسيع پسند ارادن کي پورو ڪري سگھجي.
بلوچستان جي سرحدي علائقي ٽوبه ڪاڪڙي ۾ پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جي تازي آپريشن افغانستان مان دخل اندازي جا ترديد نھ ٿي سگھندڙ ثبوت پيش ڪيا آهن. گرفتار ٿيل دهشتگردن جو تعلق سڌو سنئون افغانستان سان هو، ۽ انهن جي قبضي مان ڳرا هٿيارمليا آھن.جيڪي ان ڳالھھ جا چٽا ثبوت آھن تھ اهي عنصر ڪنهن وڏي دهشتگرد ڪارروائي لاءِ تيار هئا. هڪ گرفتار دهشتگرد اعتراف ڪيو ته هو افغانستان کان پاڪستان ۾ داخل ٿيا ۽ سندس منصوبو بلوچستان جي پشين علائقي ۾ دهشتگرد ڪارروائي ڪرڻ هو. هي پهريون موقعو ناهي جو افغانستان مان آيل دهشتگردن کي پاڪستان ۾ پڪڙيو ويو يا ماريو ويو هجي. ان کان اڳ 28 فيبروري 2025 تي مارجي ويل مجيب الرحمان، افغانستان جي حضرت معاذ بن جبل نيشنل ملٽري اڪيڊمي ۾ ڪمانڊر هو، جڏهن ته هڪ ٻيو دهشتگرد، بدرالدين، جيڪو افغان صوبي باغديس جي گورنر جو پٽ هو، پڻ بلوچستان ۾ ماريا ويا.
پاڪستان خلاف ٿيندڙ ھن دهشتگردي جي مهم ۾ افغانستان جي رياستي عنصرن جي شموليت هاڻي کلي سامھون اچي وئي آھي.غلام خان ۾ پاڪستاني فوج پاران مارجي ويل 18 دهشتگرد ، افغان فوج جا تربيت ڏنل اهلڪار هئا، جنن مان ان ڳالهه جي تصديق ٿئي ٿي ته طالبان حڪومت رياستي سطح تي پاڪستان ۾ دهشتگردي کي هٿي ڏئي رهي آهي. افغان صحافي بلال سروري جي رپورٽن موجب، طالبان حڪومت دهشتگردن جي ُچرپر کي روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، يا وري حقيقت ھي آھي تھ اها پاڻ ان جي سرپرستي ڪري رهي آهي. اهي ساڳيا ويڙھاڪ جڏھن تحريڪ طالبان پاڪستان جي صفن ۾ نه وڙهي رھيا ھجن تھ اهي داعش ۾ شامل ٿي ڪري وڌيڪ تباهي مچائڻ ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا. افغان حڪومت جي مجرمانه خاموشي ۽ دهشتگردن جي سرپرستي ان جي اصل ارادن کي ظاهر ڪري رهي آهي.
هن سڄي راند ۾ هندستان جو ڪردار سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي وارو آهي. هندستاني ڳجهي ايجنسي ‘را’ نه رڳو افغان طالبان جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي بلڪھ پاڪستان ۾ منظم طريقي سان دهشتگردي پکيڙڻ ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري پڻ ڪري رهي آهي. هندستان جو مکيه مقصد پاڪستان کي اندروني خلفشار ۽ سيڪيورٽي بحران ۾ منجھائي، ان جو ڌيان پنھنجي اصل اسٽريٽجڪ مسئلن کان هٽائڻ آهي. افغانستان کي دهشتگردن لاءِ لانچنگ پيڊ طور استعمال ڪرڻ هندستان جي پراڻي پاليسي جو حصو آهي، جنهن ذريعي هو پاڪستان ۾ بدامني کي مستقل جاري رکڻ جي حڪمت عملي تي عمل ڪري رھيو آھي. هندستان پاران افغان طالبان کي مالي امداد، ٽيڪنيڪل مدد ۽ سفارتي سرپرستي فراهم ڪرڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هو پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ هر ممڪن طريقو استعمال ڪري رهيو آهي.
افغان طالبان حڪومت جي مجرمانه خاموشي، هندستاني ايجنسين جي کليل مداخلت، ۽ دهشتگردن کي فراهم ڪيل وسيلا ۽ پناهه گاهون اهو واضح ڪن ٿيون ته پاڪستان خلاف هڪ مڪمل هائبرڊ جنگ وڙھي پئي وڃي. پاڪستان ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغان پناهگير پڻ دهشتگردن لاءِ هڪ مضبوط سهولتڪاري نيٽ ورڪ جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اهي عنصر دهشتگردن کي محفوظ پناهه گاهون، هٿيار ۽ لاجسٽڪ مدد فراهم ڪن ٿا، جنهن سان دهشتگرد پاڪستان ۾ آزادانه طور تي گهمڻ ڦرڻ جي قابل بڻجي وڃن ٿا. پاڪستان پاران بار بار وارننگن ۽ ثبوتن جي باوجود، افغان طالبان حڪومت انهن نيٽ ورڪس کي ختم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، جيڪا حقيقت ۾ ان جي جانبداري ۽ بدنيتيءَ کي ثابت ڪري ٿو.
پاڪستان کي ان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري ۽ فيصلائتا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. ملڪ ۾ موجود غير قانوني افغان پناهگيرن خلاف وڏي پيماني تي آپريشن ڪيو وڃي، دهشتگردن جي سهولتڪارن کي وائکو ڪيو وڃي. انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ افغانستان مان ٿيندڙ دخل اندازي کي مڪمل طور تي روڪڻ لاءِ سرحدن تي سخت نگراني ڪئي وڃي. ساڳئي وقت پاڪستان کي بين الاقوامي سطح تي افغانستان ۽ هندستان جي ڳٺ جوڙ کي وائکو ڪري، انهن خلاف سخت سفارتي قدم کڻڻ گهرجن. جيڪڏهن پاڪستان ان چئلينج جو بروقت ۽ سختي سان مقابلو نھ ڪيو ته دهشتگردي خلاف جاري جنگ وڌيڪ پيچيده ۽ خطرناڪ صورت اختيار ڪري سگھي ٿي