سنڌ جا ڪيترائي دئور غلامي ۾ گذريا آھن پر ان غلامي جي سنگهرن کي ٽوڙڻ لاءِ ڌرتي دلير پُٽن کي جنم ڏيندي رهي آھي ان مان سائين جي ايم سيد جي فڪر سان سلهاڙيل عابد حيدري (ميمڻ) به هڪ آھي جنهن 7 مارچ 1961ع ۾ محمد عالم حيدري (ميمڻ) جي گهر ۾ جنم ورتو
عابد حيدري حيدر قومي سياست جي شرعات 1979ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي فاسي کان پوءَ ان وقت ڪئي جنهن وقت ڀٽي صاحب جي شڪارپور جي شاهي باغ ۾ غائبانه جنازي نماز پڙهائي وئي ان جنازي نماز ۾ عابد حيدري ملڪ خلاف نعريبازي ڪئي اتي موجود اسماعيل ڀٽو، ارشاد ساحل سومرو، الطاف ميمڻ، شمشاد مڱڻھار، نعرن جا جواب ڏنا ۽ پوءَ ان سڀني مٿان بغاوت جو ڪيس داخل ٿيو
وري جڏھن سائين جي ايم سيد سنڌ جي دوري تي 1989ع ۾ شڪار پور آيو قيوم منگي وٽ ترسيو هيو ۽ صبح جو ناشتو عابد حيدري جي شيخ محلا گگراڻي گهٽي واري گهر تي ڪيو ان کان پوءِ عابد حيدري 36 تي ڪيس داخل ٿيا جنهن ڪري ڪافي عرصو روپوش رهيو اهي ڪيس بنظير ڀٽو جي پهرين حڪومتي دور ۾ ايم ڪيو ايم سان مواهدي ۾ شرت مطابق سياسي ماڻھن تان اين آر او تحت ختم ٿيا ته عابد حيدري تان به ختم ٿيا ان کان اڳ 1984 ۾ ماشلا دئور ۾ شڪارپور ۾ ڪلچر پروگرام ٿيو جتي پنجاب مان عطاءُ الله نيازي سميت ٻيا فنڪار گهرايا ويا اتي شھيد قيوم منگي عابد حيدري ۽ ٻين جي برگيڊئر سان منهن ماري ٿي پئي ۽ گرفتار ٿيا سکر سينٽر جيل منتقل ڪيا ويا ان ڪيس ۾ مارشلا ڪورٽ ٻين کي آزاد ڪري ڇڏيو باقي عابد حيدري اسلم ميمڻ اشوڪ ڪمار کي 2 سال ٽيپ ۽ 10 ڪوڙن جي سزا ٻڌائي عابد حيدري اهو انقلابي ماڻھو آھي جيڪو ڏُکن تڪليفن کي منهن ڏيندي به سنڌ کي غلامي مان نجات ڏيارڻ لاءَ حال آھر جدوجهد ڪندو رهيو آھي عابد حيدري ۾ خاص ڳالھه اها آھي ته هو لڪير جو فقير ناهي هو نج بااصول سياسي اڳواڻ آھي. هو روايتي سياست جي مَنڊيءَ جو مريد ٿيڻ بدران آزاد ۽ خود مختيار روشن ذھن جو مالڪ آھي عابد حيدري جڏھن ڳالهائيندو آھي ته ايئن محسوس ٿيندو آھي ته اروڙ جي جبلن تان سنڌ جي بقا ۽ تحفظ لاءَ راجا ڏاهر جا سڏ عابد حيدري جي اندر ۾ لهي ويا آھن جيڪي وقتن به وقتن هن جي زبان تان ٻُڌبا رهبا آھن منهنجي اڳيان جڏھن به شڪارپور جو ذڪر نڪرندو آھي ته منهنجي ذھن تي شھيد قيوم منگي ۽ عابد حيدري جو عڪس سامهون اچي ويندو آھي شڪارپور اڳي وڻنج واپار طور مشھور هيو پر ھن ملڪ جي 77 سالن جي دور ۾ اهو شڪارپور شھر سرداري پيري ۽ وڏيرا شاهي جو آستان بڻجي ويو آھي جتان قبيلائت پرستي ۽ نسل پرستي جنم ورتو آھي پر اتي هن ٻنهين اڳواڻن تدبر ڏاهپ خبرداري سان قومي آزادي جي پرچار ڪئي عابد حيدري چوندو آھي ته شڪارپور جتي پيرن ملن وڏيرن ۽ ڪامورن جي ڏھڪاءُ ۽ اثر ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڄميل هجي اتي قومي ڪم ڪرڻ ۾ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو پر شعور وندن جي ساٿ سان ان شهر کي قومي سياست جو مرڪز بڻائي ڇڏيو ۽ ڪنهن به خوف ۽ لالچ جو شڪار نه ٿياسين
عابد حيدري سُونَ تي سِيڻُ مٽائڻ وارن مان ناهي هو پورهيا ڪري به قومي سياست ڪندو آيو آھي ان زماني ۾ ريڊين جو مشھور مستري به هيو پر ان ڪمايل پئسن مان روزاني اڌ کان وڌيڪ قومي تحريڪ تي خرچ ڪندو هيو باقي جيڪي ٻه ٽي روپيا بچيس ته اهي گهر ۾ ڏيندو هيو ان حال ۾ به هن پنهنجي اولاد کي تعليم کان پري نه رکيو هن جي ڪوشش هئي ته اولاد پڙھي سنڌ ۽ سنڌين جي خدمت ڪري عابد حيدري ٻين جي گلا ڪرڻ پاڻ پڏائڻ وارن مان به ناهي هو چوندو آھي ته هر ڪو پنهنجي انداز سان ڪم ڪري پر اهو پارٽي اصولن ۽ ضابطن جي فريم ۾ هجي تحريڪ جي آغاز کان انجام تائين جيڪڏھن ڪنهن شيءَ تي وڌ کان وڌ ڌيان ۽ توجھه ڏيڻو آھي ته اها شيءَ صرف تنظيم آھي هن مرحلي ۾ هر قدم تي نيون مشڪلاتون هر وک تي پيچيده راهون ماڻھن جا شڪ ، ڪارڪنن ۽ نظرياتي تعليم جي ڪمي سبب انفراديت پسندي عوام جا رواج ۽ رسمون ڪم کي مشڪل بنائينديون آھن
عابد حيدري اهو به چوندو آھي ته غلامي اهڙي لعنت آھي جيڪا انسان جي ذھني ۽ جسماني صلاحيتن کي کوکلو ڪري ڇڏيندي آھي هن تي سنڌ سان عشق جي ڏوھ ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا ڪورٽن جا چڪر به ڪاٽڻا پيا آخري ڪيس اسان سان گڏ 27 ڊسمبر 2021 تي ڪراچي ۾ ٻيٽن جي تحفظ لاءَ جيئي سنڌ محاذ طرفان ريلي ڪڍڻ جي ڏوھ ۾ داخل ڪيو ويو ۽ ڪجھہ ڏينهن بعد ان ڪيس جو جواز جاڻائي جيئي سنڌ محاذ جي سموري مرڪزي باڊي تي ڦورٿ شيڊول وارو قانون لاڳو ڪري هلڻ گهمڻ ملڪيت وڪڻڻ يا خريدڻ تي پابند لڳائي وئي جيڪو ڪيس سال هلڻ بعد سنڌ هاءَ ڪورٽ مان انصاف ملڻ بعد ختم ڪيو ويو
ان کان پوءِ وري هن جي دردن ۾ واڌارو تڏھن ٿيو جڏھن ڪراچي مان سندس پُٽ ماجد حيدري کي گنڀي گم ڪيو ويو اولاد پياري هوندي آھي پر ماجد حيدري ماءُ جو لاڏلو هجڻ ڪري ماءُ گنڀجڻ ڪري بيحال هوندي هوئي عابد حيدري ضرور پُٽ جي کنڀجڻ تي اندر ئي اندر ۾ ڪڙهندو هوندو لڇندو هوندو پر وري پنهنجي ھمسفر ساٿياڻي کي دلجايون به ڏيندو هيو ته سنڌ جي عشق ۾ جيڪي قومي ڪارڪن قيد آھن اهي سڀ ماجد جيئان اسان کي پيارا آھن ماجد جي گنڀجڻ ۽ ان تي ٿيل تشدد ڏسي جسماني ڪمزور بڻائي ڇڏيو پر حوصلو کيرٿر جبل جيئان مظبوط اٿس سنڌ ڌرتي اهڙن جوڌن کي جنم ڏيندي رهي جيڪو سينڌ ميري ٿيڻ نه ڏين