چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارت کي فائدو، شامي ۽ گمڀير جي بيانن ۾ تضاد

دبئي(ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي سيمي فائنل کان اڳ ڀارتي بالر محمد شامي ۽ ڪوچ گوتم گمڀير طرفان ڀارتي ٽيم جون سڀئي ميچون دبئي ۾ کيڏڻ بابت تڪراري بيان سامهون آيا آهن.
محمد شامي ڀارتي ٽيم جي لاڳيتو دبئي ۾ کيڏڻ کي فائدو قرار ڏيڻ وارن کي تنقيد جو نشانو بڻايو، پر ساڳئي وقت هن اهو به قبول ڪيو ته سڀئي ميچون ساڳئي ميدان تي کيڏڻ سان ٽيم کي پچ ۽ حالتن کي سمجهڻ ۾ مدد ملي.
هن چيو ته هڪ ئي وينيو تي کيڏڻ سندن لاءِ فائدو رهيو، ڇو ته هنن کي پچ جي ورتاءُ، موسم ۽ ٻين حالتن بابت چڱي ريت اندازو ٿي ويو.
واضح رهي ته محمد شامي سيمي فائنل ۾ آسٽريليا خلاف شاندار بالنگ ڪندي 3 وڪيٽون ورتيون هيون.
ٻئي پاسي، ڀارتي هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير ٽيم کي ڪنهن به قسم جي ”غير منصفاڻي“ سهولت ملڻ بابت دعوائن کي سختي سان رد ڪيو.
ياد رهي ته چيمپيئنز ٽرافي جي ميزبان پاڪستان سميت ٻين ملڪن کي دبئي ۽ پاڪستان جي ٽن مختلف شهرن وچ ۾ مسلسل سفر ڪرڻو پيو، جنهن تي اڳوڻن ڪرڪيٽرن خدشا ظاهر ڪيا ۽ ان کي ”غير منصفاڻو“ عمل قرار ڏنو، جڏهن ته ڀارت پنهنجون سڀئي ميچون دبئي ۾ کيڏيون آهن، هاڻي فائنل به دبئي ۾ ئي ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.