موسم جي قلابازي، ڪراچي ۾ سيءُ موٽي آيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي موسم وري تبديل ٿي وئي ۽ سيءُ موٽي آيو، شهر ۾ گهٽ کان گهٽ پارو 13 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
ملڪ ۾ تازين برساتن ۽ برفباري کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي، ڪراچي ۾ ٿڌيون هوائون گهلڻ سان گرمي پد گهٽجي ويو.
موسميات کاتي موجب شهر ۾ گهٽ کان گهٽ گرمي پد 13 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، ڪراچي ۾ هوائون گهلڻ جو سلسلو اڄ رات تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته جمعي کان موسم گرم ٿيڻ شروع ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.