ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ قومي شاهراهه تي سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي ويجهو ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ سڪيورٽي اهلڪار شهيد ۽ 4 زخمي ٿي پيا، ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن سڪيورٽي فورسز جو قافلو مڊ وي ويجهو گذري رهيو هو، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ايف سي جي اهلڪار موجب فورسز جي گاڏي گذرڻ وقت هڪ آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏايو، شڪ آهي ته عورت ملوث آهي پر ان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ خضدار ۾ گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ جميعت علماءِ اسلام بلوچستان جا 2 اڳواڻ مارجي ويا ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا.