ڪئنالن خلاف ٻنون ۾ قومي عوامي تحريڪ جو مارچ

دڙو(رپورٽ: منٺار ٺاراڻي)ٻنون ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجو،ضلعي سجاول جي جنرل سيڪريٽري زين سومرو، رشيد گوپانگ، نظام پليجو، علي محمد لاشاري، نظير سمون، بولا خان ڌماچ، اسماعيل ھاليپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھاءِ اسڪول ٻنون کان پيادل مارچ ڪري مين بس اسٽاپ پھچي ڌرڻو هنيو ۽ حڪومتي پاليسين خلاف نعرا ھنيا، ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن اشرف پليجو، ذين سومرو،رشيد گوپانگ، نظام پليجو، علي محمد لاشاري، نظير سمون،بولا خان ڌماچ، نظام پليجو،نظير سمون،اسماعيل ھاليپوٽو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سجاول، بدين، ٺٽو کي سمنڊ ڳڙڪائي ويندو ۽ سڄي سنڌ سڪي تباھ ٿي ويندي. سنڌو درياءَ سنڌين جي جان آهي سنڌ جو ٻچو ٻچو پنهنجي درياھ کي بچائڻ لاءِ وڙھندو ھنن وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري کي سنڌ جي وسيلن جو سودو ڪرڻ جو ڪو حق ناھي. وفاقي حڪومت ڪئنال ۽ گرين پاڪستان جا منصوبا بند نه ڪيا ته ان جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.