پاڪستان جي يورپ جي سيڪيورٽي معاملن ۾ ڪردار لاءِ تياري؟

نيو يارڪ (شيراز پراچا) پاڪستاني آرمي چيف تازو ئي برطانيا جو دورو ڪيو، جتي کيس وي وي آءِ پي پروٽوڪول ڏنو ويو ۽ اعليٰ فوجي قيادت سان ملاقاتون ٿيون. هن دورو ان وقت ڪيو ويو، جڏهن آمريڪا ۽ يورپ يوڪرين جي جنگ تي ورهايل آهن، ۽ عالمي سياست ۾ تبديليون اچي رهيون آهن. برطانيا تاريخي طور تي آمريڪا جي منظوري کانسواءِ ڪو به اهم فيصلا نه ڪندو آهي، پر هاڻي پاڪستان جي اهميت اوچتو وڌي وئي آهي. يورپ کي خدشو آهي ته روس يوڪرين کان اڳتي وڌي سگهي ٿو، ۽ آمريڪا جي پاليسي ۾ تبديلي سبب يورپي ملڪ دفاعي طور ڪمزور محسوس ڪري رهيا آهن. پاڪستان لاءِ برطانيا جي وڌايل دلچسپي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿي. ڇا  پاڪستان کي يورپ جي سڪيورٽي معاملن ۾ ڪنهن نئين ڪردار لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي؟ يورپي قيادت هن وقت آمريڪا جي غير واضح پاليسي سبب پريشان آهي. فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون يورپي يونين لاءِ الڳ امن فوج جو تصور پيش ڪيو هو، پر ٽرمپ هن تي راضي ناهي. يورپ جي فوجي صلاحيت گهٽ هجڻ سبب ڪجهه تجويزون هلي رهيون آهن ته غير تڪراري ملڪ، جيئن پاڪستان، امن فوج طور يوڪرين ۾ موڪلي سگهن ٿا. ٽرمپ اڳ ئي اعلان ڪري چڪو آهي ته هو يوڪرين جنگ ختم ڪندو، ۽ هن جو روسي صدر سان رويو نرم ٿي رهيو آهي. پاڪستاني فوج جو برطانيا ۾ اهميت حاصل ڪرڻ نئين حڪمت عملي طرف اشارو ڏئي رهيون آهن پر پاڪستان جا روس ۽ چين سان لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن، ۽ پاڪستان جي لاءِ ڪنهن اهڙي عمل جو حصو بڻجڻ مشڪل لڳي ٿو، جيڪو روس کي ناراض ڪري. ڏسڻو پوندو ته برطانوي وزيراعظم آمريڪا وڃي ڪهڙي تجويز ڏئي ٿو.

نوٽ : هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو04 مارچ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.