وزيراعظم شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو ۾ اهم ملاقات طئه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو وچ ۾ اهم ملاقات طئي ٿي وئي آهي، جيڪا سڀاڻي اسلام آباد ۾ ٿيندي.
ذريعن موجب، وزيراعظم هائوس ۾ اعليٰ سطحي حڪومتي اتحادين جو اجلاس به ٿيندو، جنهن ۾ حڪومتي ۽ اتحادي جماعتن جا سربراهه شرڪت ڪندا.
بلاول ڀٽو سڀاڻي وزيراعظم سان ملاقات لاءِ اسلام آباد پهچندو ۽ هو وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ اعليٰ سطحي حڪومتي اجلاس ۾ به شريڪ ٿيندو.
اجلاس ۾ حڪومت جي انتظامي معاملن تي غور ڪيو ويندو، جڏهن ته بلاول ڀٽو حڪومت سان ٿيل معاهدن بابت پنهنجي پارٽي جا تحفظات وزيراعظم جي سامهون پيش ڪندو.
اجلاس دوران پنجاب ۾ ترقياتي فنڊز جي عدم فراهمي سميت ٻين اهم معاملن تي به غور ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.