”عمران خان کي ٽرمپ جي زيلنسڪي سان ڪيل ورتاءُ مان سبق سکڻ گهرجي“

سوات (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخوا جي صدر ۽ وفاقي وزير امير مقام چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي آمريڪي صدر جي يوڪريني صدر زيلنسڪي سان ڪيل ورتاءُ مان سبق سکڻ گهرجي.
وفاقي وزير امير مقام سوات جي علائقي اسلام پور ۾ نادرا سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته عمران احمد خان نيازي کي ڊونلڊ ٽرمپ جي يوڪريني صدر سان ڪيل ورتاءُ مان سبق سکڻ کپي.
هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي خطن جو انجام رڳو ردي جي ٽوڪري هوندو، ڇو ته ڪو به انهن کي پڙهڻ وارو ناهي، جڏهن ته عوام ذاتي مفادن تي ٻڌل اتحادين کي چڱي طرح سڃاڻي ٿو.
امير مقام جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اتحاد ٺاهڻو آهي ته اهو دهشتگردي جي خاتمي، معاشي استحڪام ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ ٺاهيو، جڏهن ته مخالف ڌر کي سول-ملٽري الائنس هضم نه پيو ٿئي.
وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ايندڙ عام چونڊون 2029 ۾ ئي ٿينديون، مخالف ڌر کي تيستائين انتظار ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.