ڪراچي ۾ ڪار سوارن تي تشدد ڪندڙ شاهه زين مري بلوچستان فرار

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي جي بوٽ بيسن واري علائقي ۾ هٿياربندن پاران ڪار سوار شهرين تي تشدد کان پوءِ پوليس واقعي ۾ ملوث 7 هٿياربندن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته واقعي جو مک جوابدار شاهه زين مري بلوچستان فرار ٿي ويو. ڊي آءِ جي سائوٿ موجب، پوليس فوري ڪارروائي ڪئي، رات دير سان ٻن مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ۽ 7 گارڊن کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار ٿيل گارڊ شاهه زين مري جا ذاتي محافظ آهن ۽ انهن جي سڃاڻپ غوث بخش، جلاد خان، علي زين ۽ حسن جي نالن سان ٿي. ڊي آءِ جي موجب، جوابدار شاهه زين مري محافظن سان گڏ هڪ شهري تي تشدد ڪيو ۽ واقعي کان پوءِ بلوچستان فرار ٿي ويو. پوليس شاهه زين مري جي گرفتاري لاءِ بلوچستان حڪومت سان رابطو ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.