ڪراچي (رپورٽر) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي طرفان ڪالهه سمي دين بلوچ،فوزيه بلوچ ۽ وهاب بلوچ جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب ڏانهن مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن کي روڪڻ لاءِ پوليس طرفان ڪلب ڏانهن ويندڙ رستا بند ڪري پوليس نفري مقرر ڪئي وئي. جنهن بعد احتجاج ڪندڙن زينب مارڪيٽ چوڪ تي بينر هٿن ۾ کڻي نعريبازي ڪئي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڪريم بخش بلوچ ۽ معراج بلوچ جي قاتلن کي سزا ڏيڻ ۽ بلوچ نوجوانن جي ٽارگيٽ قتل بند ڪيو وڃي. ان موقعي تي سمي دين بلوچ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پر امن احتجاج لا آيا آهيون، پر اسان جي رستا روڪ ڪئي وئي آهي. وهاب بلوچ چيو ته وڏي تعداد ۾ بلوچستان جي سياسي ڪارکي کنڀي قتل ڪري اڇلايو پيو وڃي .اسانجي احتجاج جو مقصد ميڊيا ۽ انساني حقن جي ادارن تائين آواز پڄائڻ هو ته جيئن انساني حقن جي لتاڙ کي روڪيو وڃي، پر اسان کي هر دفعو پر امن احتجاج کان روڪيو ويندو آهي جيلن ۾ وڌو ويندو آهي ۽ اسلام آباد ۾ به احتجاج جي سڏ تي اڳواڻن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي آهي نوجوانن جا چچريل لاش اڇلايا وڃن ٿا ان تي احتجاج به ٿو ڪرڻ ڏنو وڃي.