ڪراچي پريس ڪلب پاران چوڌاري روڊن جي بندش جي مذمت

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب جي صدر فضل جميلي، سيڪريٽري سهيل افضل خان ۽ ٻين ڪراچي پريس ڪلب جي چوڌاري روڊن جي بندش جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته آئين جو آرٽيڪل 19 هر شهري کي اظهار راءِ جي آزادي ڏئي ٿو، ڪراچي پريس ڪلب جا روڊ بار بار بند ڪرڻ جو انتظاميه فوري طور تي نوٽيس وٺي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج جو حق محفوظ رکون ٿا، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي عهديدارن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب جي شاندار تاريخ آهي ۽ 1958ع کان وٺي ڪراچي پريس ڪلب مظلومن جو آواز هئڻ سان گڏ پريس جي آزادي ۽ جمهوريت جو علمبردار رهيو آهي، هنن چيو ته پريس ڪلب جا رستا بند ڪري انفرادي يا گڏيل طور تي احتجاج جي حق کان محروم ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا، هن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب جا روڊ بلاڪ ڪرڻ جمهوريت جي اظهار جي آزادي جي جمهوري حق کان انڪار ۽ جمهوري طاقت کي نه مڃڻ جي برابر آهي، هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪراچي پريس ڪلب جي روڊن جي بار بار بندش جو فوري طور تي نوٽيس وٺي انتظاميا ۽ پوليس جي رويي جو فوري طور تي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، ڪراچي پريس ڪلب جي عهديدارن واضح ڪيو ته اهو عمل نه روڪيو ويو ته سخت احتجاج ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.