وفاقي ڪابينا ۾ واڌ جو فيصلو

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) وفاقي ڪابينا ۾ ايم پي اي حنيف عباسي، طارق فضل چوڌري، خالد مگسي ۽ مصطفيٰ ڪمال کي شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن جي حنيف عباسي  کي ريلوي واري وزارت جو قلمدان ڏيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري کي قومي صحت واري وزارت جو قلمدان ڏيڻ جو امڪان آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته خالد مگسي کي مواصلات ۽ ايم ڪيو ايم جي مصطفيٰ ڪمال کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ڏيڻ جو امڪان آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته خالد مگسي کي مواصلات ۽ ايم ڪيو ايم جي مصطفيٰ ڪمال کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ڏيڻ جو امڪان آهي، واضح رهي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت هن وقت ايم ڪيو ايم پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي وٽ آهي، جڏهن ته هن وٽ تعليم واري وزارت جو قلمدان به آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته تعليم واري وفاقي وزارت خالد مقبول صديقي وٽ رهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.