اسلام آباد ۾ لال مسجد تڪرار ٻيهر تيز، ڪالعدم تنظيم به ڌر بڻجڻ لاءِ تيار

اسلام آباد(اعزاز سيد/آصف بشير) اسلام آباد ۾ لال مسجد جوتڪرار ٻيهر پيدا ٿيوآهي ۽ ام حسان مٿان دهشتگردي جو ڪيس داخل ٿيوآهي گذريل ڏينهن هنن  ڪشمير هاءِ وي سميت رستا بند ڪري ڇڏيا هئا. اهو تڪرار مارگلا ٽائون ۾ هڪ مسجد کي ڪيرائي ترقياتي ڪم ڪرائڻ تان ٿيو ۽ ان لاءِ متبادل جڳه به ڏني وئي هئي.ٽي چار مرلا جڳه هئي پر سندس مطالبو هيو ته هڪ ڪينال زمين ڏني وڃي.مٿس پوليس تي فائرنگ جو ڪيس داخل ٿيوآهي خطرناڪ ڪم اهو ٿيو ته ٽي ٽي پي ۽ مولوي گل بهادر گروپ پاران بيان جاري ڪيو ويوآهي.اهي گروپ افغانستان مان ويهي پاڪستان مٿان حملا ڪري رهيا آهن.هاڻي هڪ ڳالهين جي ڪميٽي جوڙي وئي آهي.لال مسجد وارن مطالبو ڪيوآهي ته ڪيس خارج ڪيو وڃي انتظاميه ٽي مطالبا رکيا آهن ته ام حسان مدرسي تائين محدود رهي، ٻيو جامعه حفصه سان گڏ تعمير کي ڪيرايو وڃي ٽيون ام حسان هتي هتي وڃي ميوزڪ بند ڪرائي ٿي اهو ختم ٿيڻ گهرجي.پر اها ڳاله به آهي ته اسلام آباد م زمينن تي قبصا ڪري مسجدون جُوڙيون ويون آهن پهريون ٻن صفن جي مسجد پوءِ ان کي توسيع ڏئي والار ڪئي وڃي ٿي.

هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 26 فيبروري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.