سکر/ڪنڌڪوٽ/غوثپور(نمائندا) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪنهن به منصوبي جي اجازت نه ڏينداسين، سکر ۾ پاڪستان لٽريچر فيسٽيول جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي عوام هميشه اسان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ کين اڪيلو نه ڇڏينداسين، هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي ناهي ۽ نه ئي ڪئنال ٺاهڻ جي ڪا گنجائش آهي، ڪئنال جي اڏاوت روڪڻ لاءِ هڙتال جي ضرورت ناهي، سندس چوڻ هو ته بينظير ڀٽو ڪالاباغ ڊيم خلاف ڌرڻو هنيو هو، اسان کي ڌرڻي جي ضرورت ناهي، صدر آصف زرداري ۽ سنڌ حڪومت موجود آهن، اسان سنڌ جي عوام جا محافظ آهيون، مراد علي شاهه چيو ته سکر-حيدرآباد موٽر وي ٺهڻ گهرجي، سکر ايئرپورٽ تي اڏامون گهٽ ڪرڻ به زيادتي آهي،هوڏانهن سيد مراد علي شاھ ڪنڌ ڪوٽ گھوٽڪي پل جي ڪم جو معائنو ڪرڻ لاءِ پھتو جتي ھلندڙ ڪم تي ڪمشنر لاڙڪاڻو بريفنگ ڏني جنهن بعد وڏي وزير ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو برج ڪنڌ ڪوٽ گھوٽڪي آهي جنهن جي تعمير ٿيڻ سان ڪنڌ ڪوٽ ۽ گھوٽڪي ضلع سميت سنڌ جي ٻين ضلعن جي عوام کي فائدو ملندو سنڌو درياهه مان ڪو به ڪينال نه نڪرندو سنڌ حڪومت جو واضع موقف آهي سي سي آءِ ۾ به مخالفت ڪئي آهي، هن چيو ته ڪجھه عرصو اڳ ڪنڌ ڪوٽ شڪارپور ۽ گھوٽڪي ضلعي ۾ امن امان خراب ھو ھاڻي امن امان جي صورت حال بھتر آهي وڌيڪ بھتر ڪرڻ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رھيا آهيون انھي موقعي تي صوبائي وزير علي حسن زرداري، ضياء النجار،ناصر شاھـ ،مڪيش ڪمار چاولاايم پي اي سردار مير عابد خان سندراڻي،ايم اين اي مير شبير علي خان بجاراڻي ،آ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ٻيا گڏ ھيا،ٻئي پاسي وڏو وزير سيد مراد علي شاه هڪ ڏينهن جي دوري تي غوثپور پهتو 4 مهينا اڳ قتل ٿيل اڳوڻو پي آءِ اي جو رٽائرڊ ملازم ذوالفقار علي بجاراڻي جي تعزيت لاءِ ڳوٺ واحد بخش خان بجاراڻي پهتو وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڪشمور ضلعي جي معزز شخصيت راجا غوث بخش خان بجاراڻي سان تعزيت ڪئي