ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چيمپئينز ٽرافي 2025 جي افتتاحي تقريب لاءِ تيارين حتمي شڪل ڏني پئي وڃي.
ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ چيمپئينز ٽرافي جي رنگا رنگ افتتاحي تقريب لاءِ تياريون جاري آهن، جتي هوائي فوج جا جهاز فضائي مشقون ڪري رهيا آهن.
رپورٽ موجب، 19 فيبروري تي ٿيندڙ تقريب ۾ جَي ايف-17 ٿنڊر ۽ ايف-16 جهاز فضائي ڪرُتب ڏيکاريندا.
اسٽيڊيم جي مٿان ۾ جهازن جون مشقون جاري آهن، جڏهن ته غير امڪاني گجگوڙ سبب شهري دنگ رهجي ويا.
جهازن جي مشقن دوران ٽريفڪ جام ٿي وئي، ڪيئي شهرين ڪرتب ڏسڻ لاءِ موجود رهيا، مداحن تاڙيون وڄائي خوشي جو اظهار ڪيو.
واضح رهي ته چميپيئنز ٽرافي 19 فيبروري کان شروع ٿيندي، جتي پاڪستان پنهنجي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ خلاف ميدان ۾ لهندو.
Prev Post
You might also like