ممبئي (ويب ڊيسڪ ) ويلنٽائن جي موقعي تي بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جي هڪ پراڻي وڊيو هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هو محبت جي ڏهاڙي بابت هڪ سوال جو انتهائي انتهائي دلچسپ جواب ڏنو.
وائرل وڊيو ۾ هڪ صحافي سلمان خان کان پڇي ٿو ته هو ويلنٽائن ڊي جي لاءِ ڪهڙي خاص رٿابندي ڪري رهيو آهي؟
جنهن تي سلمان خان ان سوال جو انتهائي مزاحيه جواب ڏيندي چيو ته ”ويلنٽائن ڊي سان منهنجو ڇا وڃي ڀائو؟ يا ڇا منهنجو ئي ڪجهه وڃي ويلنٽائن ڊي سان؟ “ هي جواب ٻڌي اتي موجود سڀ ماڻهو کلي پيا.
سلمان خان وڌيڪ چيو ته ”توهان سڀني کي ويلنٽائن ڊي جون تمام گهڻيون مبارڪون هجن، محفوظ رهو.“
هي وڊيو هاڻي سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي ۽ سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان سلمان خان جي مزاح جي واکاڻ ڪئي پئي وڃي.
ڪيترائي ماڻهو اداڪار جي لفظن کي ميمز جي طور تي استعمال ڪري رهيا آهن ته جئين ويلنٽائن ڊي بابت پنهنجي جذبن جو اظهار ڪري سگهن.
جڏهن ته ڪجهه مداحن ڀوڳن ۾ چيو ته سلمان خان ويلنٽائن ڊي جي لاءِ ”ڇڙن ماڻهن جو سرڪاري سفير“ آهي.
You might also like