ڪوٽڙي بدفعلي ڪيس: ٻن جوابدارن جو جسماني رمانڊ پورو، ٽيون گرفتار نه ٿيو

ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي بدفعلي ڪيس جي ٻن مک جوابدارن جو جسماني ريمانڊ پورو، سڀاڻي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيا ويندا، جڏهن ته ٽيون جوابدار اڃا گرفتار نه ٿي سگهيو آهي.
صحافي جبار ڪابوري جي پٽ سان بدفعلي ڪيس ۾ سائيٽ پوليس وٽ زير حراست ٻن جوابدارن، اعجاز ٻرڙو ۽ الهه رکيو چانڊيو، جو چار ڏينهن وارو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي ڪوٽڙي سائيٽ پوليس سڀاڻي ڄامشورو جي عدالت ۾ ٻيهر پيش ڪندي.
پوليس موجب، ٽيون جوابدار صالم جانوري اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيو.
ايس ايڇ او سائيٽ مظهر نائچ ٻڌايو ته ڪيس جا سمورا قانوني ۽ طبي پاسا مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته روپوش جوابدار صالم جانوري جي گرفتاري به جلد عمل ۾ ايندي.
هن چيو ته هن ڪيس ۾ جوابدار سزا کان بچي نه سگهندا.
ٻئي پاسي نوري آباد پريس ڪلب ۽ سنڌي ادبي سنگت جي وفدن ڪوٽڙي ۾ صحافي جبار ڪابورو سان سندس گهر تي ملاقات ڪري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ هر طرح جي تعاون جي خاطري ڪرائي.
وفد ۾ نوري آباد پريس ڪلب جو جنرل سيڪريٽري عباس پالاري، عالم پالاري، ذوالفقار پالاري، راجا ۽ ٻيا شامل هئا، جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت طرفان الطاف ملڪاڻي، محبوب سنڌي، خادم ٻٻر، عمار رضا کوسو ۽ ٻين صحافي جبار ڪابورو جي رهائشگاهه تي پهچي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.