ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڊيفنس مان 6 جنوري تي اغوا ٿيل مصطفيٰ عامر جو لاش ملي ويو، جڏهن ته جاچ دوران ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن.
ڊي آءِ جي سي آءِ اي مقدس حيدر تصديق ڪندي چيو ته مصطفيٰ جي قتل ۾ سندس گرفتار ٿيل دوست ارمغان ملوث آهي.
هن ٻڌايو ته مصطفيٰ کي قتل ڪرڻ کانپوءِ ساڳي ئي گاڏي ۾ حب ويجهو گاڏي سميت ساڙيو ويو.
سندس چوڻ هو ته واقعي بابت وڌيڪ ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن، جنهن کانپوءِ جوابدار ارمغان جو رمانڊ حاصل ڪيو ويندو، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث سندس هڪ ٻيو ساٿي به گرفتار ٿي چڪو آهي.
هن ٻڌايو ته حب ٿاڻي تي هڪ اڻڄاتل سڙيل گاڏي ۽ لاش جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ بلوچستان پوليس لاش کي ايڌي حوالي ڪيو.
ايڌي لاش کي لاوارث ڄاڻي دفنائي ڇڏيو، هاڻي لاش کي ڪڍي ڊي اين اي ذريعي ٻيهر تصديق ڪئي ويندي.
Next Post
You might also like