دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ويسٽ انڊين اسپنر جوميل واريڪن کي جنوري 2025 جو بھترين مرد رانديگر قرار ڏئي ڇڏيو.
واريڪن پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ برابري تي ختم ٿيندڙ سيريز ۾ پليئر آف دي سيريز رهيو.
هاڻي هن پاڪستاني بالر نعمان علي ۽ ڀارتي اسپنر ورون چڪرورتي کي پوئتي ڇڏي آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ جو اعزاز ماڻي ورتو آهي.
پاڪستان خلاف سيريز سندس لاءِ يادگار رهي جتي هن پهرين ميچ ۾ 10 وڪيٽن سان گڏ ناقابل شڪست 31 رنسون اسڪور ڪيون.
واريڪن ٻي ٽيسٽ ۾ به بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندي 9 وڪيٽون حاصل ڪيون، جنهن ۾ ٻي اننگز ۾ پنج وڪيٽن جي شاندار ڪارڪردگي پڻ شامل هئي.
سندس شاندار بالنگ سان ويسٽ انڊيز پاڪستان خلاف تاريخي فتح ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
هن ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ مجموعي طور 19 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته بيٽنگ ۾ 85 رنسون اسڪور ڪيون.
واريڪن پنهنجي بيان ۾ خوشيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ٽيسٽ ۾ پنج وڪيٽن جو ڪارنامو سندس هدف هو، پر هن ايتري وڏي ڪاميابي جي اميد نه ڪئي هئي.
سندس چوڻ هو ته پيءُ جي اڳڪٿي موجب بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ ڪپتان سان ڪيل واعدو پورو ڪيو، ملتان سندس لاءِ خاص آهي، جتي ويسٽ انڊيز تاريخي فتح ماڻي ۽ هن کي اهو اعزاز مليو.
پاڪستاني بيٽرن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريندڙ ويسٽ انڊين بالر لاءِ آءِ سي سي جو اهم اعزاز
You might also like