لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بولر حارث رئوف انجري سبب ٽه ملڪي سيريز جي باقي ميچن مان ٻاهر ٿي ويو، جڏهن ته سندس جاءِ تي عاڪف جاويد کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته حارث رئوف سيريز جي پهرين ميچ ۾ نيوزيلينڊ خلاف 37هين اوور دوران بالنگ ڪندي انجري جو شڪار ٿيو هو ۽ اوور مڪمل ڪرڻ بنا ميدان ڇڏي ويو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب حارث رئوف جي انجري گهڻي سنجيده ناهي ۽ هو آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ دستياب هوندو.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته ايم آر آءِ ۽ ايڪسري رپورٽن مطابق سندس سيني جي هيٺين حصي ۾ تڪليف آهي، جنهن سبب احتياطي طور تي هو 12 فيبروري تي ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ نه کيڏندو.
You might also like