ٽه ملڪي سيريز جي فائنل مان پاڪستان کي ٻاهر ڪرڻ چاهيان ٿو: ڪلاسن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا جي وڪيٽ ڪيپر هينرڪ ڪلاسن چيو آهي ته هو ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جي فائنل مان پاڪستان کي ٻاهر ڪرڻ چاهي ٿو.
هينرڪ ڪلاسن انهن پنجن رانديگرن مان هڪ آهي، جيڪي اڄ ڏکڻ آفريڪا جي اسڪواڊ ۾ شامل ٿيا آهن.
ڪراچي ۾ پري ميچ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته پاڪستان کي ان جي هوم گرائونڊ تي هارائڻ وڏو چئلينج آهي، پر جيڪڏهن فائنل ميزبان ٽيم کان سواءِ ٿئي ته اها ڳالهه هن لاءِ خوشيءَ جو سبب هوندي.
ڪلاسن جو چوڻ هو ته پاڪستان خلاف اهم ميچ لاءِ تيار آهيان، اهم رانديگر اسڪواڊ ۾ شامل ٿي چڪا آهن، حالتن سان هم آهنگي لاءِ ٿوري محنت ڪرڻي پوندي.
هن وڌيڪ چيو ته ٽه ملڪي سيريز کانپوءِ ايندڙ هفتي هڪ وڏو ايونٽ شروع ٿي رهيو آهي، تنهنڪري هي اسان لاءِ سٺو موقعو آهي.
ياد رهي ته گذريل سال ڊسمبر ۾ ڏکڻ آفريڪا پنهنجي سرزمين تي پاڪستان خلاف 3-0 سان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.
ان سيريز ۾ هينرڪ ڪلاسن بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري، لڳاتار ٽي ففٽيون اسڪور ڪيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.