ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊي آءِ جي سيڪيورٽي اينڊ ايمرجنسي سروسز ڊويزن ڊاڪٽر مقصود احمد چيو آهي ته چيمپيئنز ٽرافي جي سيڪيورٽي تي مڪمل نظر آهي، هر صورتحال لاءِ الرٽ آهيون ۽ ڪوشش آهي ته ڪو به ناخوشگوار واقعو پيش نه اچي.
ايس ايس يو هيڊڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن ٻڌايو ته ڪيترن سالن بعد پاڪستان ۾ ڪو آءِ سي سي ايونٽ ٿي رهيو آهي، محسن نقوي اسٽيڊيم کي بهتر بڻايو آهي، اسڪرين ۽ ٻيون سهولتون اپگريڊ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته سيڪيورٽي لاءِ پنج هزار کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.
ڊاڪٽر مقصود احمد چيو ته پوليس، رينجرز، پاڪ فوج، اسپيشل برانچ ۽ ٻيا ادارا سيڪيورٽي تي مامور هوندا، قانون هٿ ۾ کڻندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
ياد رهي ته چيمپيئنز ٽرافي 19 فيبروري کان شروع ٿي رهي آهي، افتتاحي ميچ ڪراچي ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ کيڏي ويندي.
ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان، آسٽريليا، ڏکڻ آفريڪا، ڀارت، بنگلاديش، انگلينڊ، نيوزيلينڊ ۽ افغانستان جون ٽيمون شامل آهن.
You might also like