سال ٻه هزار پنجويهه ۾ به سام سنگ گليڪسي راڄ برقرار

سال ٻه هزار پنجويهه جي پهرين مهيني جنوري کانپوءِ فيبروري ۾ به سام سنگ گليڪسي ايس 25 الٽرا  جي برتري برقرار آهي. جيتوڻيڪ، مقبوليت جي فهرست ۾ شيائومي 15 الٽرا حيران ڪندڙ انٽري ڏني آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته شيائومي جي هي ڊوائيس في الحال واهپيدارن لاءِ جاري ناهي ڪئي وئي.

گذريل هفتي ٽرينڊنگ ۾ رهندڙ اسمارٽ فونز جي جاري ڪيل فهرست هيٺ ڏنل آهي:

فهرست موجب پهرين نمبر تي سام سنگ ايس 25 الٽرا جڏهن ته ٻئي نمبر تي شيائومي 15 الٽرا موجود آهن.

سام سنگ گيليڪسي ايس 25 ٽئين، سام سنگ گيڪيلسي اي 55 چوٿين، ويوو 50 پنجين ۽ ايپل آئي فون 16 پروميڪس ڇهين نمبر  تي آهن.

شيائومي پوڪو ايڪس 7 پرو ستين، سام سنگ گليڪسي ايس 24 الٽرا اٺين، نٿنگ فون (3 اي) پرو نائين ۽ شيائومي ريڊ مي نوٽ 14 پروپلس 5 جي (گلوبل) ڏهين نمبر تي موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.