سياست ۾ اچڻ جو ارادو آهي،سنڌ ۾ امن تباهه ٿي ويو آهي:جونيئر ذوالفقار ڀٽو

نئون ديرو(رپورٽ :محمد علي جروار) قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو پڳدار پٽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو هڪ هفتو اڳ نئون ديرو ۾ قتل ٿي ويل هندو واپاري مقتول واپاري سنتوش ڪمار جي وارثن منيش ڪمار ماکيجا ۽ ٻين سان تعزيت ڪري واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو. جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو مقتول سنتوش جي وارثن کي ڀرپور ساٿ ۽ سهڪار جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته اسان سنڌي قوم مذهبن کان مٿانهين ٿي ڪري  پنهنجي هر مذهب جي ماڻهو سان گڏ هوندا آهيون ۽ رهنداسين،بعد ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته منهنجو سياست ۾ اچڻ جو ارادو آهي ڇاڪاڻ ته آئون گهڻو وقت ملڪ کان ٻاهر رهيو آهيان پهريان مون کي سنڌ سميت ملڪ مان گهڻو ڪجهه سکڻو آهي. ماڻهن جي تمام وڏي موٽ ملي آهي مستقبل ۾ نئين سر تنظيم سازي به ڪندس سياست جي ميدان ۾ اچڻ کان پهريان اوهان ميڊيا وارن کي ٻڌائيندس. هن چيو ته اسان ڪئنالن تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪنداسين، هن چيو ته  ڪجهه سال  پهريان سکر ضلعي مان محرم جي مهيني ۾ نياز ۽ سبيل ورهائيندي پريا ڪماري کي به اغوا ڪيو ويو هو جيڪا هن وقت تائين بازياب نه ٿي سگهي آهي ۽ اسان کي خبر ناهي ته هو ڪٿي آهي. سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، سنڌ اندر قانون موجود آهي پر ان جو استعمال نه ٿي رهيو آهي. امن امان قائم ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي پوليس ڪمزور ٿي چڪي آهي،هتي صرف حڪومتي سياستدانن ۽ سرڪاري عملدارن کي سڪيورٽي ڏني پئي وڃي،هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عورتن کي اغوا ڪري مذهب مٽائڻ واري عمل خلاف آهيان،بعد ۾ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو هندو برادري جي ماڻهن سان گڏجي شهر جي جئه شنڪر مندر جو دورو ڪيو ۽ اتي هندن جو پرساد کائڻ سان گڏ مورتين تي گل پڻ رکيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.