ڪراچي ۾ پورهيت جو مغوي پٽ جي آزادي لاءِ احتجاج

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران پورهيت مغوي پٽ جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو.
لياري جي علائقي دريا آباد واسي پورھيت محمد دائود پنھنجي ٻارن ۽ گھرواري سميت پٽ جي آزادي لاءِ احتجاج ڪيو.
هن دانهيندي چيو ته منھنجو پٽ محمد حسين 17 اگسٽ 2023 ۾ سول اسپتال مان اغوا ٿي ويو هو، جنھن جي ايف آءِ آر به داخل ڪرائي وئي پر اڃا تائين ڪو کڙتيل ناهي نڪتو.
سندس چوڻ هو ته اغوا واردات جي سي سي ٽي وي فوٽيج به ملي ھئي، جنھن ۾ جوابدار صاف نظر اچي رھيو آھي پر ان باوجود اڃا تائين ڪا ڪارروائي ناھي ڪئي وئي.
ھن چيو ته مان غريب آهيان، مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ پاليندو آھيان، پٽ کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.