بي پي ايل: حارث بعد هڪ ٻئي پاڪستاني ڪرڪيٽر کي بنگلاديشي هوائي اڏي تي روڪيو ويو

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) محمد حارث کانپوءِ بنگلاديش پريميئر ليگ (بي پي ايل) ۾ حصو وٺندڙ پاڪستاني ڪرڪيٽر خواجا نافع به بنگلاديش ۾ ڦاسي پيو.
ذريعن موجب، بي پي ايل فرنچائز خواجا نافع کي نه رڳو پورو معاوضو ادا نه ڪيو پر واپسيءَ لاءِ ڏنل ٽڪيٽ به جعلي نڪتي، جنهن سبب کيس ڍاڪا هوائي اڏي تي روڪيو ويو.
واضح رهي ته ان کان اڳ محمد حارث به ساڳئي صورتحال کي منهن ڏنو هو، جتي دربار راجشاهي ٽيم رانديگرن کي نه معاوضو ڏنو ۽ نه ئي واپسيءَ جي ٽڪيٽ فراهم ڪئي هئي.
حارث پي سي بي کي صورتحال بابت آگاهه ڪيو هو، جنهن کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ سان رابطو ڪندي مسئلو حل ڪرايو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.