ممبئي (ويب ڊيسڪ) 2007 ۾ رليز ٿيل فلم ”ڪيش“ کانپوءِ انوڀو سنها ۽ اجي ديوگن ٻيهر گڏ ڪم ناهي ڪيو.
ان حوالي سان افواهه هئا ته ٻنهي وچ ۾ فلم جي هڪ گاني تي اختلاف ٿيو هو، پر هاڻي هدايتڪار ان ڳالهه جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اجي هن سان 18 سالن کان رابطو ناهي ڪيو. هڪ انٽرويو ۾ انوڀو سنها چيو ته اسان جو ڪو به جهيڙو ناهي، بس هو مون سان ناهي ڳالهائيندو.
هن وضاحت ڪئي ته کيس ڪا ڄاڻ ناهي ته اجي ديوگن هن سان ڳالهائڻ کان ڇو پاسو ڪري ٿو، هار پر هن ڪڏهن به کيس نظرانداز ناهي ڪيو.
انوڀو سنها چيو ته ڪڏهن ڪڏهن هو اجي کي ميسج ڪندو آهي، پر ڪڏهن به جواب ناهي مليو.
هن ان ڳالهه کي رد ڪيو ته ٻنهي وچ ۾ ڪنهن گاني تي اختلاف هو، حقيقت ۾ فلم جي پروڊيوسر ۽ فنانسر وچ ۾ مسئلا هئا.
هدايتڪار اجي ديوگن کي پنهنجن ”پسنديده“ ماڻهن مان هڪ قرار ڏيندي چيو ته هو کيس هڪ بهترين اداڪار ۽ سٺو انسان سمجهي ٿو.
انوڀوَ سنها جي آخري فلم آءِ سي 814: دي ڪنڌار هاءِ جيڪ نيٽ فلڪس تي رليز ٿي هئي.