”جلد سمارٽ فونن جو دور ختم ٿي ويندو“ڇرڪائيندڙ اڳڪٿي

اوپن اي آءِ طرفان آرٽيفشل انٽيلجنس ( اي آءِ ) ٽيڪنالاجي کي بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف رخن کان ڪم جاري آهي ۽ هاني ڪمپني جي چيف ايگزيڪٽيو سام آلٽمين اڳڪٿي ڪئي آهي ته تمام جلد سمارٽ فونز جو دور ختم ٿي ويندو
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي سام آلٽمين چيو ته هو پراميد آهي ته ڀائيواري ذريعي چيٽ جي پي ٽي اي آءِ هارڊويئر ڊيوائس تيار ڪئي ويندي، پر هن وقت تائين ان جي لانچ بابت ڪا به حتمي تاريخ سامهون ناهي آئي.
سمارٽ فونز جو دور ختم ڪرڻ وارو عزم حيران ڪندڙ آهي، خاص طور تي اهڙي ڪمپني لاءِ، جنهن اڳ ۾ ڪڏهن به ڪا موبائيل ڊيوائس تيار نه ڪئي آهي.
بهرحال اِهو ناممڪن به ناهي ڇو ته 2007 ۾ ايپل طرفان آءِ فون متعارف ڪرائڻ کانپوءِ ڪي پيڊ موبائيل فونن جو استعمال نه هجڻ جي برابر ٿي ويو هو.
اي آءِ ٽيڪنالاجي جي تيزيءَ سان ترقي ڪرڻ سبب اهو امڪان موجود آهي ته نيون ڊيوائسز واهپيدارن لاءِ وڌيڪ بهتر آپشن فراهم ڪن ۽ ٿي سگهي ٿو ته مستقبل ۾ اسڪرينز جي ضرورت ئي ختم ٿي وڃي.
واضح رهي ته اوپن اي آءِ ئي واحد ڪمپني ناهي، جيڪا سمارٽ فونز جي خاتمي بابت ڳالهه ڪري رهي آهي.
ان ڏس ۾ ايپل پڻ اَگمينٽيڊ رئيلٽي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل گلاسز تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن بابت دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته اها ڊيوائس ماڻهن کي آءِ فون وسارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي.
ايپل جي ڀيٽ ۾ اوپن اي آءِ جي حڪمت عملي مختلف ٿي سگهي ٿي.
چيٽ جي پي ٽي اي آءِ ڊيوائس ڪهڙي شڪل ۾ هوندي؟ ان بابت ڄاڻڻ لاءِ انتظار ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.