امرتسر (ويب ڊيسڪ) وڪي ڪوشل ۽ رشميڪا مندانا پنهنجي ايندڙ فلم ڇاوا جي مشهوري ۾ مهم ۾ رڌل آهن. ان دوران جوڙيگولڊن ٽيمپل تي حاضري ڀري ۽ فلم جي ڪاميابي لاءِ دعا پڻ گهري.
رشميڪا مندنا زخمي هجڻ سبب وهيل چيئر تي هئي، جتي وڪي ڪوشل پنهنجي ساٿي اداڪارا جي مدد ڪندي نظر آيو،
وڪي ڪوشل ۽ رشميڪا منداننا گولڊن ٽيمپل تي حاضري ڀري.
سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل هڪ وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته وڪي، رشميڪا کي گاڏي مان لهڻ ۾ مدد ڏئي رهيو آهي ۽ بعد ۾ هجوم جي وچ ۾ سندس ساٿ ڏئي رهيو آهي.
وڊيو ۾ وڪي ڪوشل کي اڇي رنگ ڪڙتي پاجامو پهريل هو، جڏهن ته رشميڪا گلابي لباس ۾ ڏاڍي خوبصورت لڳي رهي هئي.
وڪي ڪوشل تصويرون شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو ته ”سري هرمندر صاحب ۾ ڪجهه خاص آهي، هتان جو سک، روحانيت ۽ دعا جي طاقت بي مثال آهي.“
ان کان اڳ، حيدرآباد ۾ هڪ گاني جي مهورتي تقريب دوران وڪي ڪوشل اسٽيج تي رشميڪا مندانا اڳيان گوڏن ڀر ٿي ويٺو، جنهن مان سندس عزت ۽ احترام جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
رشميڪا کي پوڄا جي ٿالي ڏني وئي، جنهن کانپوءِ هن فلم ڇاوا جي گاني ”جاني تو“ جو هڪ سين ٻيهر پيش ڪيو.
رشميڪا منداننا وڪي لاءِ انسٽاگرام تي هڪ خاص پوسٽ پڻ شيئر ڪئي جنهن ۾ لکيو ته ”تون وڪي ڪوشل جي حيثيت سان ۽ راجيءَ جي ڪردار ۾ هڪ طوفان آهين.“
رشميڪا چيو ته ” تون اسان سڀني کي خاص محسوس ڪرائڻ جو طريقو ڄاڻين ٿو، حيدرآباد ۾ تنهنجي موجودگي بهتر رهي، ٻئي واري مان تنهنجي ميزباني ڪرڻ چاهينديس.“
اداڪارا جو چوڻ هو ته ”معاف ڪجانءِ مان هن وقت پوري ريت فلم جي مشهوري مهم ۾ تنهنجو ساٿ نٿي ڏئي سگهان، پر واعدو ڪيان ٿي ته جيترو ٿي سگھندو، مان پنهنجي پوري ڪوشش ڪنديس.“
ياد رهي ته فلم ڇاوا جي هدايتڪاري لڪشمن اوٽيڪر ڏني آهي ۽ دينيش وجن ان کي پروڊيوس ڪيو آهي، فلم 14 فيبروري 2025 تي سينما گهرن ۾ ريليز ٿيندي.
Prev Post
You might also like