غوثپور (رپورٽ: عبدالجبار اوڳاهي) غوثپور ۾ هندو ڊاڪٽر کي اڻڄاتل جوابدارن پاران راڪيٽ لانچر ڏياري ڌمڪي ڏني وئي ته هو پيسن سوڌو واپس ڪري نه ته تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوندو. صحافي، سماجي اڳواڻ، جي يو آءِ ڪارڪن ۽ ڊاڪٽر کي سندس ڪلينڪ تي عملي کي اڻڄاتل جوابدارن راڪيٽ لانچر رکي پيغام ڏنو. واقعي کانپوءِ هندو برادري ۾ خوف پکڙجي ويو. غوثپور پريس ڪلب جي اڳواڻن جمال الدين اوڳاهي، نارائڻ ناز، شير زمان بجاراڻي، عبدالسميع بجاراڻي، عبدالغفار اوڳاهي ۽ ٻين اجلاس ۾ واقعي جي مذمت ڪئي ۽ ايس ايس پي کان مطالو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري هندو برادري کي تحفظ ڏنو وڃي. ٻئي پاسي احتجاج جو پڻ اعلان ڪيو ويو.