پي ٽي آءِ ميمبر پاران به جڊيشل ڪميشن اجلاس ملتوي ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد (م ڊ) جڊيشل ڪميشن جي ميمبر ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر علي ظفر چيف جسٽس يحييٰ آفريدي کي خط لکي ڇڏيو. خط ۾ سينيٽر جڊيشل ڪميشن اجلاس ملتوي ڪرڻ جو مالبو ڪيو ۽ چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ججن جي سينارٽي جو معاملو حل ٿيڻ تائين اجلاس ملتوي ڪيو وڃي. خط جي متن موجب ججن جي بدلي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينارٽي لسٽ تبديل ٿي وئي، مناسب هوندو ته اجلاس ملتوي ڪيو وڃي. ڪميشن کي جيڪڏهن اجلاس ڪرڻو آهي ته بدلي ٿيل ججن کي غور هيٺ نه آندو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.