آڪٽوبر 2023 کانپوءِ فلسطيني رياست جو تصور ختم ٿي ويو آهي: نيتن ياهو

واشنگٽن(م ڊ) اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو چيو آهي ته 7 آڪٽوبر 2023 کانپوءِ فلسطيني رياست جو تصور ختم ٿي ويو آهي.فاڪس نيوز سان ڳالهائيندي  اسرائيلي وزيراعظم چيو ته هو پنهنجي ملڪ اسرائيل جي تباهي جي ذميوار ڪنهن به تنظيم کي اقتدار ۾ اچڻ نه ڏيندو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اسرائيل کي تمام ننڍو قرار ڏيڻ جي حوالي سان نيتن ياهو چيو ته ”اهو  سچ آهي ۽ اسان ان کان ننڍا نٿا ٿي سگهون.

  1. ٽرمپ جو پيوٽن سان رابطو، يوڪرين بابت ڳالهيون

واشنگٽن(ع آ نيوز)  واشنگٽن( م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان فون تي رابطو ڪري يوڪرين ۾ جنگ جي خاتمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٽرمپ نيويارڪ پوسٽ کي ٻڌايو ته هو ايران سان هڪ معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ”جيڪڏهن اسان ڪو معاهدو ڪيو ته اسرائيل انهن تي بمباري نه ڪندو. صدر ٽرمپ زور ڀريو آهي ته هو هڪ ڊيل چاهي ٿو ۽  اهو معاهدو ايران تي بمباري ڪرڻ لاء’ترجيح‘ ڏيندو. ايران سان ڳالهين جي موضوع جو ذڪر ڪرڻ نه ٿو چاهيان. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان فون تي رابطو ڪري يوڪرين ۾ جنگ جي خاتمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.   رپورٽ موجب ايئر فورس ون تي نيويارڪ پوسٽ کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ جڏهن ٽرمپ کان پڇيو ويو ته ٻنهي اڳواڻن ۾ ڪيترا ڀيرا ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ٽرمپ چيو ته اهو نه ٻڌائڻ بهتر آهي.  بهرحال، هن چيو ته پيوٽن چاهي ٿو ته ماڻهو نه مرن.

  1. ڪراچي ۾ 8 ڏينهن اندر روڊ حادثن ۾ 21 ڄڻا فوت ٿي چڪا

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ 8 فيبروري تي مختلف ٽريفڪ حادثن ۾ 21 شهري حياتيون وڃائي ويٺا.   بلديه اتحاد ٽائون ۾ پهرين فيبروري تي تيز رفتار ڪوچ جي ٽڪر ۾ 12 ورهين جو ٻارڙو فوت ٿي ويو. پهرين فيبروري تي ڀينس ڪالوني روڊ تي ٽريفڪ حادثي ۾ 15 مهينن جو ٻارڙو فوت ۽ ماءُ زخمي ٿي پئي.  2 فيبروري تي نيشنل هاءِ وي لنڪ روڊ تي 2 گاڏين وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ 5 زخمي  ٿي پيا هئا. ساڳئي ڏينهن عوامي مرڪز وٽ نامعلوم گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت ٿي ويو. 5 فيبروري تي راشد منهاس روڊ تي ڊمپر جي ٽڪر جي نتيجي ۾ عورت سميت 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻين حادثن ۾ وڌيڪ 3 ڄڻا فوت ۽ 7 زخمي ٿي پيا. 6 فيبروري تي ملير هالٽ نيشنل هاءِ وي تي ڊمپر جو ٽڪر لڳڻ سبب موٽرسائيڪل سوار پيءُ پٽ فوت جڏهن ته ماءُ زخمي ٿي پئي.  7 فيبروري تي به تيز رفتار ٽينڪر جي ٽڪر ۽ ٻين ٽريفڪ حادثن ۾ 3 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا. 8 فيبروري تي ڪورنگي ابراهيم حيدري وٽ ڊمپر موٽرسائيڪل سوار 3 ڄڻن کي ڪلٽي ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 نوجوان موقعي تي ئي فوت ٿي ويا.  اسٽيل ٽائون ۾ ڊمپر جي ٽڪر ۾ هڪ شهري فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.