ٽالپروڏا ۾ نياڻيون اسڪول جي تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم ؟ 

تحرير: ممتاز علي اوٺو

اڄ جتي دنيا نياڻين جي تعليم جي حوالي سان تمام گهڻو سنجيده آهي. تعليم کي عالمي سطح تي هڪ بنيادي حق طور تسليم ڪيو ويو آهي، ۽ نياڻين جي تعليم کي خاص اهميت ڏني وڃي ٿي، ڇو ته اها نه رڳو انهن جي ذاتي ترقي لاءِ ضروري آهي، پر سماج ۽ معاشري جي بهترين لاءِ به هڪ اهم ذريعو آهي. اُتي ئي ٽالپر وڏا گرلس مڊل اسڪول گذريل پندرهن سالن کان بندپيل آهي مسلسل اسڪول جي بند هجڻ ڪري هي اسڪول جي عمارت کنڊر جو ڏيک ڏيڻ لڳي ۽ اسڪول جي چوديواري جو ڪو نشان به ناهي بچيو، اسڪول جو فرنيچر پکا در دريون ڪاڏي ويا ڪنهن کي به خبر ناهي اسڪول جو عملو ڪاٿي آ اها به ڪنهن کي خبر ناهي.تعليم جي اعلٰي اختيارن جي سنڌ جي تعليم سان ڪيتري سنجيدگي آهي اهو اندازو هن اسڪول جي حالت مان لڳائي سگهجي ٿو لاڳيتو دانهون ڪرڻ ۽سيڪريٽري تعليم کي ليٽر موڪلڻ باوجود اڄُ تائين ڪو نمائندو ناهي پهتو .

ٽالپروڏا تقريبن ٻهراڙي جو علائقو آهي جتي ڪو ايجوڪيشن کي گهٽ پسند ڪيو وڃي ٿو ان ڪري ڇوڪرين لاءِ الڳ اسڪول هجڻ جو سوال هڪ اھم ۽ حساس موضوع آهي، جيڪو معاشري، ثقافت، ۽ تعليمي نظام تي منحصر آهي. هن بابت ڪجهه نقطا ھيٺ ڏجن ٿا

ڇوڪرين لاءِ الڳ اسڪول هجڻ جا فائدا

  1. ”محفوظ ماحول“ ڪيترائي والدين ڇوڪرين کي محفوظ ماحول ۾ تعليم ڏيڻ چاهين ٿا، خاص ڪري اھڙن علائقن ۾ جتي سماجي ۽ ثقافتي مسئلا ڇوڪرين جي تعليم ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿا. الڳ اسڪولن ۾ ڇوڪريون پڙهڻ ۾ خود کي محفوظ ۽ آرامداه محسوس ڪن ٿيون.
  2. ”تعليم تي ڌيان“ ڪيترن جو خيال آهي ته ڇوڪرين لاءِ الڳ اسڪولن ۾ انهن جو ڌيان وڌيڪ تعليم تي رهي ٿو، ڇو ته ڪيترن سماجي دٻاءَ يا ڇوڪرن سان موازنه جي ڳالهين کان سندن ڌيان پري رهي ٿو.
  3. ”ثقافتي ۽ مذهبي قدرن سان مطابقت“ ڪيترن علائقن ۾ ثقافتي ۽ مذهبي قدرن جي بنياد تي ڇوڪرين لاءِ الڳ اسڪولن کي ترجيح ڏني وڃي ٿي، جتي والدين پنهنجي ڇوڪرين کي مخلوط تعليم کان ڪترائڻ چاهين ٿا.
  4. ”ڇوڪرين جي خاص ضرورتن تي ڌيان“ ڇوڪرين جي جسماني ۽ ذهني ترقي ڇوڪرن کان مختلف هوندي آهي. الڳ اسڪولن ۾ انهن جي خاص ضرورتن کي مدنظر رکي تعليمي پروگرام ترتيب ڏنا وڃن ٿا.ڏٺو وڃي ته ڇوڪرين جي تعليم هڪ اهم موضوع آهي، جيڪو معاشري جي ترقي ۽ برابري لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي. ڇوڪرين جي تعليم جي اھميت بابت ڪجهه اهم نقطا ھيٺ ڏجن ٿا:
  5. ”معاشري جي ترقي“ ڇوڪرين جي تعليم سان گڏ معاشري ۾ علم ۽ شعور وڌي ٿو، جيڪو ترقيءَ جو بنياد آهي. تعليم يافته عورتون گھر ۽ معاشري ۾ بهتر فيصلا ڪري سگهن ٿيون.
  6. ”غربت ختم ڪرڻ“ تعليم يافته ڇوڪريون پنهنجي خاندان کي غربت کان ٻاهر ڪڍڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. تعليم سان گڏ انهن کي روزگار جا بهتر موقعا ملن ٿا.
  7. ”صحت ۽ واڌارو“ تعليم يافته مائرون پنهنجن ٻارن جي صحت ۽ تعليم جو بهتر خيال رکن ٿيون، جنهن سان گڏ اڳتي هلي معاشري ۾ صحت مند نسل جو واڌارو ٿئي ٿو.
  8. ”برابري ۽ انصاف“ ڇوڪرين کي تعليم ڏيڻ سان جنسي برابري ۽ انصاف کي فروغ ملي ٿو. تعليم سان گڏ ڇوڪريون پنهنجي حقن لاءِ وڌيڪ آگاهه ٿين ٿيون.
  9. ”معاشي خودمختياري“ تعليم ڇوڪرين کي معاشي طور تي خودمختيار بڻائي ٿي، جنهن سان گڏ انهن کي گھر ۽ معاشري ۾ بهتر مقام حاصل ٿئي ٿو.

سنڌ ۽ سڄي دنيا ۾ ڇوڪرين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ گھربل آهي ته انهن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ، تعليمي وسيلا مهيا ڪرڻ ۽ معاشري ۾ تعليم جي اھميت بابت آگاهي وڌائي وڃي. هن وقت سنڌ ۾ ڪيترا گرلس اسڪول بند ٿيل آهن، ان جو درست انگ ڄاڻڻ ڏکيو آهي، ڇوڪو ته اھو انگ وقت سان گڏ تبديل ٿيندو رهي ٿو ۽ مختلف علائقن ۾ صورتحال مختلف آهي. پر ڪجهه عام ڪارڻ جن جي ڪري گرلز اسڪول بند ٿيل آهن.

ڪافي دفعا احتجاج ٿيا اسٽوريز لکيون ويون سول سوسائيٽي صحافي تنظيمن توڙي شهرين پاران سنڌ گورنمينٽ ۽ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي اڳيان بار بار ٻاڪاريندا رهيا جنهن تي ميڊم صدف کوکر اڳوڻي سيشن جج خيرپور ميرس سال 2019 ۾ سول جج عبدالحڪيم سانگي کي حڪم ڏيندي چيو هيو ته ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جا جيڪي به بند پيل اسڪول آهن انهن جي وزٽ ڪري رپوٽ جمح ڪرايو جنهن جو سانگي صاحب وزٽ ڪيو ۽ پڻ تعلقه ايجويڪشن آفيسر ميڊم صغرا سومرو کي چيو ته اوهان بلنڊنگ جو پڻ وزٽ ڪريو ۽ صفائي ڪرايو۔ان کان بعد مٿي ذڪر ڪيل رپوٽ ڪورٽ ۾ جمح ڪرائي وئي ۔.

سال 2020 ۾ ايجوڪيشن جي وزير سيد سردار علي شاهه اڳوڻي ڊسٽرڪٽ آفيسر عبدالحميد مهر کي وزٽ جو چيو ۽ مهر صاحب وزٽ پڻ ڪئي ۽ منسٽر کي لکيو ته نئين بلڊنگ تعمير ڪرائي وڃي ۽ هتي واقعي نياڻين کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلات آھي اهڙي رپورٽ پڻ منسٽر صاحب وٽ موجود آهي جڏهن ته 2021 ۾ اڳوڻو ڪمشنر سکر غلام مصطفي ڦل پڻ اسڪول جو وزٽ ڪيو ۽ اسڪول جلد کولرائڻ جو چيو هيو پر سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ايڏي جدوجهد باوجود به اسڪول نه کلڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. ٽالپر وڏا جي ساڃاھ وندن جو چوڻ آهي بند پيل اسڪول جو نوٽيس وٺي ۽ بنا دير اسڪول کولرايو وڃي جئين نياڻن جو تعليمي مستقبل بچائي سگهجي.

سنڌ ۽ سڄي دنيا ۾ ڇوڪرين جي تعليم کي هٿي ڏيڻ لاءِ گھربل آهي ته انهن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ، تعليمي وسيلا مهيا ڪرڻ ۽ معاشري ۾ تعليم جي اھميت بابت آگاهي وڌائي وڃي. هن وقت سنڌ ۾ ڪيترا گرلس اسڪول بند ٿيل آهن، ان جو درست انگ ڄاڻڻ ڏکيو آهي، ڇوڪو ته اھو انگ وقت سان گڏ تبديل ٿيندو رهي ٿو ۽ مختلف علائقن ۾ صورتحال مختلف آهي. پر ڪجهه عام ڪارڻ جن جي ڪري گرلز اسڪول بند ٿيل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.