ڏکڻ جي ملڪن ۾ طبقاتي فرق ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿو؟

تحرير: ڊاڪٽر سڪندر مغل

نيو لبرل بالادستي تمام مضبوط آهي ۽ ان کي عالمي معيشت جي سطح تي چئلينج ڪرڻ تمام ڏکيو آهي. پر اڄ ڪلهه ٿيندڙ جيو پوليٽيڪل تبديلين جي تناظر ۾ عالمي سامراجيت کي چئلينج ڪرڻ جا موقعا پئدا ٿيا آهن ۽ هڪ سچي پچي جمھوري عالمي نظام قائم ڪرڻ جا امڪان پئدا ٿيا آهن. ان سلسلي ۾ بنڊنگ ڪانفرنس ۽ نيو انٽرنيشنل ايڪانامڪ آرڊر ۾ ڏنل اصول، عالمي معيشت اندر طاقت جو توازن منتقل ڪرڻ لاءِ تمام اهم آهن، انھن اصولن جا اهم نُڪتا هي آهن:

(1)                   طاقتور قومون دنيا جي ٻين سمورين قومن جي خودمختياري ۽ سرحدي سالميت کي تسليم ڪن ۽ انھن سان سمورن تڪرارن کي پُرامن طريقن سان حل ڪن.

(2)                   گلوبل اتر جون رياستون غير منصفياڻين محصولن ۽ ڪوٽائن کي ختم ڪن، خاص طور تي زرعي شين ۽ اسٽيل تي، ڇاڪاڻ ته اهي گلوبل ڏکڻ ۾ ترقيءَ لاءِ نقصان پھچائن ٿيون.

(3)                   محصولون، ڪوٽائون ۽ رعايتون غريب ملڪن کي ڏيڻ کپن جن کي پنھنجين مقامي صنعتن کي ٺاهڻ لاءِ غير منصفياڻي بين الاقوامي مقابلي کان تحفظ گهربل هوندو آهي.

(4)                   گلوبل واپار کي ٽيڪ ڏيندڙ انفرا اسٽرڪچر کي به جمھوري انداز ۾ هلايو وڃڻ گهرجي، جيڪو عوامي ڀلائيءَ جي اصول تي بيٺل هجي نڪي نجي نفعي تي. سامونڊي واپار  ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تبديلين جي ضرورت آهي.

(5) واپاري معاهدن کي پڻ جمھوري بڻائڻ گهرجي. نارٿ امريڪن فري ٽريڊ ايگريمينٽ NAFTA)) ۽ ٽرانس پئسيفڪ پارٽنرشپ ايگريمينٽ (TPP) هنن علائقائي معاهدن تي ڀاڙڻ بدران جن ۾ هڪ طاقتور ملڪ، ٻين ملڪن مٿان غالب پوڻ جي اهل هوندو آهي، بين الاقوامي واپاري نظام ملٽي ليٽرل معاهدن هيٺ هلايو وڃڻ گهرجي، هڪ ملڪ، هڪ ووٽ جي اصول تي بيٺل هجي. واپاري ٺاهه ٻين رياستن کي اهڙيون پاليسيون اختيار ڪرڻ لاءِ مجبور نه ڪن، جيڪي گلوبل اتر ۾ سرمائي کي فائدو رسائن.

(6) انٽليڪچوئل پراپرٽي حقن مٿان ضابطو رکندڙ رجعت پرست اصولن کي ختم ڪرڻ گهرجي. ڇو ته اهي گلوبل ڏکڻ جي رياستن کي صنعتڪار بڻجڻ ۾ گهربل ٽيڪنالاجين تائين رسائيءَ کان روڪن ٿا. اهي زندگي بچائيندڙ دوائون ۽ زندگي بچائيندڙ ٻجن کي اربين ماڻهن تائين پھچڻ کان روڪن ٿا.

(7) سيڙپ ڪارن ۽ رياست جي تڪرارن جي تمام گهڻن غير جمھوري نبيرن کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ گهرجي.

(8) قرض: گلوبل ڏکڻ وڏن قرضن جي بحران ۾ وڪوڙيل آهي. هڪ اندازي مطابق سب – سهاران آفريڪا، هر سال ٽيڻ تي پئسا ٻاهر موڪلي / وڃائي رهيو آهي، بنسبت جيترو اهو ترقيءَ لاءِ امداد جي صورت ۾ حاصل ڪري رهيو آهي.

بين الاقوامي تجارت ۽ سيڙپ جا قانون اهڙا هجڻ گهرجن، جيڪي سمورن ملڪن کي رقم ڏيڻ ۽ مٽاسٽا ڪرڻ جي ضابطن تي عمل درآمد ڪرڻ جي اجازت ڏين. جيستائين قرض جو تعلق آهي ته قرض وٺندڙن ۽ قرض ڏيندڙن وچ ۾ تڪرارن تي ضابطو رکندڙ طريقن ۾ تبديلين آڻڻ جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ ڪجهه سڌارن جو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو. (ولچر ڪئپيٽلزم: گريس بليڪيلي.)

i)) IMF   جي خاص پئسن ڪڍرائڻ جي حقن جون نيون ورهاستون ٿيڻ گهرجن جن کي غريب ملڪ، ايمرجنسي حالتن ۾ ڪيش جي بدران استعمال ڪري سگهن.

ii)) IMF تي گهڻ پاسائين مٽ سٽ ڪرڻ جي سھولت قائم ڪرڻ گهرجي جيئن آمريڪا جي مرڪزي بئنڪ اهڙيون سھولتون قائم ڪيون آهن.

iii)) قرض جي عالمي اختياري  قائم ڪرڻ گهرجي، جنھن کي قرض کي نئين سر ترتيب ڏيڻ جو اختيار حاصل هجي.

iv)) ڪرونا وبا جي ڪري ۽ موسمياتي تبديلين ڪري ادا نه ٿيڻ لائق قرضن کي ختم ڪرڻ گهرجي. گلوبل ڏکڻ لاءِ هڪ نئين قرض جو اعلان ترقي لاءِ ۽ غربت گهٽائڻ لاءِ اهم ثابت ٿيندو.

v)) موسمياتي بگاڙ کي منھن ڏيڻ لاءِ هڪ نئين بين الاقوامي ڪلائيميٽ بئنڪ قائم ڪرڻ گهرجي، جيڪا غريب ملڪن کي امداد ڏئي ته جيئن اهي پنھنجن ماڻهن کي موسمياتي تبديلين جي اثر کان بچائي سگهن ۽ سياري ڌرتيءَ کي ڪاراڻ کان صاف ڪرڻ  جي عمل تي وڏي عرصي تائين عملدرآمد ڪري سگهن.

vi)) موسمياتي تبديلين ڪري غريب ملڪن جي ماڻهن جي گلوبل اتر جي ملڪن ڏانھن جيڪا لڏ پلاڻ  ٿي رهي آهي، اتر جي ملڪن کي ان خلاف قانون ٺاهڻ نه گهرجن، بلڪه ان جي همت افزائي ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اتر جي شاهوڪار ملڪن جي گهڻي آبادي، پوڙهي ٿي رهي آهي، ماڻهن جي صحت خراب ٿي رهي آهي ۽ اهي صحت ۽ سماجي سڌ سماءُ جي شبعن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جي کوٽ کي منھن ڏئي رهيا آهن. ان ڪري گلوبل اتر کي لڏ پلاڻ ڪندڙن ۽ پناهه گزينن جي سکيا ۽ کين پنھنجي سماج ۾ ضم ٿيڻ لاءِ انھن جي سھولتڪاري ڪرڻ گهرجي ۽ ان لاءِ فنڊ مھيا ڪرڻ گهرجن، بلڪه اهي اربين ڊالر جيڪي هو انھن پناهه گزينن کي سزا ڏيڻ، ملڪ نيڪالي ڏيڻ يا جيلن ۾ واڙڻ تي خرچ ڪري رهيا آهن، اهي انھن جي بحاليءَ تي خرچ ڪرڻ گهرجن.

vii)) ٽئڪس ادا نه ڪرڻ ۽ لڪائڻ جي غيرقانوني هنڌن جو خاتمو ڪرڻ گهرجي.

مٿيان سمورا عالمي سڌارا پنھنجو پاڻ نه ٿي سگهندا، ان لاءِ گلوبل ڏکڻ جي رياستن کي پاڻ ۾ ملي، اتحاد قائم ڪرڻا پوندا ۽ گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون ۽ گڏجي زور ڏيڻو پوندو ته جيئن گلوبل معيشت ۾ طاقت جو توازن بحال ٿي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.