ڊونلڊ ٽرمپ جو غزا بابت  جارحاڻو بيان ۽ دنيا ۾ پکڙيل ڳڻتي جي لهر  

تحرير: محمد اسماعيل لانگاھ 

آمريڪا، جنهن جو اقتدار  ۾ ايندڙ هر صدر اسلامي دنيا جو ازلي دشمن رهيو آهي، ڪڏهن عراق ته ڪڏهن ايران ڪڏهن شام ته ڪڏهن لبيا ته وري ڪڏهن افغانستان کي مختلف الزامن هيٺ پنهنجي رعب، دٻاءَ ۽ دٻدٻي هيٺ رکڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آھي. آمريڪا ڪڏهن به ڪنهن ملڪ سان دوستي جو رشتو قائم ناهي رکيو هو هميشه مفادن واري دوستي تائين محدود رهيو آھي. عالمي ادارن کي پنهنجي قبضي ۾ رکڻ صرف ئي صرف هن جي پاليسين جو حصو رهيو آھي.

تازو اسرائيلي وزير اعظم نيتن ياهو سان وائٽ هائوس ۾ صدارتي  منصب سنڀالڻ کانپوءِ  ڊونلڊ ٽرمپ  پهرين ۽ اهم جارحاڻي  پريس ڪانفرنس ڪري پوري دنيا اندر وڏي ڳڻتي جوڳي صورتحال پيدا  ڪري ڇڏي  آھي  جنهن ۾ هن غزا پٽي تي قبضو ڪرڻ ۽ اُتان جي فلسطيني رهواسين کي ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪري مسلم امت جي ڦٽن تي ڄڻ لوڻ ٻرڪيو آهي. ٽرمپ جي ان اعلان کي پوري مسلم توڙي غيرمسلم ملڪن جي سربراهن دنيا اندر امن جي بحالي نه پر امن کي خلل ۾ وجهڻ جي مترادف سمجهيو آھي. صدر ٽرمپ غزا جي مسلمانن سان هڪ طرف همدردي ظاهر ڪئي ته ٻئي طرف هن اسرائيل جي مضبوط سلامتي ۽ حفاظت جو ڄڻ  دنيا کي چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي.آمريڪي صدر جي ان بيان سان جنگي جنون ۾ هن جو هميشه ساٿ ڏيندڙ مغربي ملڪن سميت اقوام متحده جهڙي  عالمي اداري به سخت تنقيد وارو بيان جاري ڪيو آھي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بيان ۾ چيو ته، هُو غزا تي ڊگهي مدي لاءِ قبضو ڪرڻ بابت سوچي رهيو آهي، جنهن جي قيادت آمريڪا ڪندو. وائيٽ ھائوس ۾ اسرائيل جي وزيراعظم سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي، آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته آمريڪا غزا جي پٽي جو انتظام سنڀالي سگهي ٿو ۽ ان تي حقيقي معنيٰ ۾ ڪم ڪري سگهي ٿو پوري دنيا آمريڪي صدر جي ان جارحاڻي بيان کي فلسطينن سان همدردي نه پر غزا اسرائيل حوالي ڪرڻ فلسطين جي جهادي تنظيم کي مڪمل طور ختم ڪرڻ چاهي ٿو. اسرائيلي ظلمن جو شڪار فلسطين جي مظلوم عوام تي پرتشدد ڪارروائين جي تاريخ هڪ ٻن سالن جي نه پر اڌ صدي تي ٻڌل آھي.

غزا پٽي کي مٽي جو ڍير بڻائيندڙ  اسرائيل  ۽آمريڪا جي هن تجويز کي عالمي سطح تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي. ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن ۽ تنظيمن هن منصوبي کي بين الاقوامي قانونن جي خلاف ورزي قرار ڏنو آهي. برطانيا جي پرڏيهي وزير ڊيوڊ لامي، ايران ۽ ترڪي افغانستان يمن ايران فرانس چين سعودي عرب سميت تمام عالمي اڳواڻن غزا بابت هن تجويز جي سخت مخالفت ڪئي آهي. انهن چيو ته غزا فلسلطين جو پنهنجو علائقو آھي اتان جي رهواسين کي تعمير نو جي آڙ ۾ بيدخل ڪرڻ عالمي قانون جي خلاف ورزي سمجهيو ويندو هڪ سال اڳ فلسطين جي جهادي تنظيم حماس پاران پئراشوٽ حملن ذريعي اسرائيل کي جهڙي طرح ٽوٽا چٻاياکين سموري جنگي ساز سامان کي اهڙي نموني ناڪاره بڻايو جو آخر تائين جنگ بندي ٿيڻ تائين اسرائيل بيوس ۽ مجبور رهيو. ھاڻي  مس مس ٿڌي ٿيل جنگ جي باھ کان پوءِ وچ اوڀر ۾ جيڪا امن جي اُميد پيدا ٿي  آهي، صدر ٽرمپ جي غزا تي قبضي واري منصوبي سان وري عالمي سطح تي نئين جنگي افراتفري پکڙڻ جو انديشو ٿي ويو آھي صدر ٽرمپ جي ان بيان جي مخالفت  خود آمريڪا ۾ به ٿي رهي آهي. هن تجويز جي مخالفت ۾ وائيٽ هائوس جي ٻاهران احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا ويا آهن آمريڪا جي ٻن وڏين سياسي  پارٽين ڊيموڪريٽڪ ۽ ريپبلڪن جي عوام  پڻ سخت مخالفت ڪئي آھي.

اسلامي سربراهي  تنظيم او آءِ سي  جي اهم اڳواڻ  سعودي عرب فلسطيني رياست جي حمايت بابت پنهنجي چٽو موقف ڏنو  آهي. پريس ڪانفرنس دوران پڇيل سوال جي جواب ۾  صدر ٽرمپ چيو  هو اهڙو مطالبو نه ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف، سعودي وزارتِ خارجه جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته فلسطيني عوام سان لاڳاپيل سعودي عرب جو موقف اٽل آهي. فلسطيني عوام کي سندن زمين تان بي دخل ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي رد ڪريون ٿا. اھا حقيقت آهي ته، غزا تي قبضي وارو صدر ٽرمپ جو هي منصوبو نه فقط بين الاقوامي قانونن جي خلاف آهي پر وچ اوڀر ۾ امن لاءِ پڻ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.

فلسطيني ماڻهن کي سندن سرزمين مان بي دخل ڪرڻ ۽ غزا تي آمريڪي قبضو خطي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ ۽ عدم استحڪام جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ان کان علاوه، هِي قدم دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ کي پڻ هٿي ڏئي سگهي ٿو، جيڪو عالمي امن لاءِ خطرو آهي. عالمي برادري کي هن منصوبي جي مخالفت ۾ گڏ ٿيڻ گهرجي ۽ فلسطيني عوام جي حقن ۽ سندن زمين جي حفاظت لاءِ قدم کڻڻ گُهرجن پوري دنيا ڄاڻي ٿي فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ هلندڙ هي جنگ نه فقط وچ اوڀر پر پوري دنيا لاءِ قابل افسوس ۽ ڳڻتي جوڳي آهي ۽ ثابت ٿي سگهي ٿي  آمريڪا هميشه مظلوم فلسطينين جي ڪوس ۾ اسرائيل کي جنگي سازو سامان سميت پوري طرح هرممڪن مدد ڪندو رهيو آھي مجموعي طور تي  صدر ٽرمپ جي هن بيان  بعد عالمي برادريءَ کي گڏجي ان جي مخالفت ڪرڻ گهرجي ۽ فلسطيني عوام جي حقن ۽ سندن سر زمين جي حفاظت لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ گُهرجن ايئن نه ٿئي ته ڪٿي دنيا هڪ نئين عالمي جنگ جي دٻڻ ۾ ڦاسي پوي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.