ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تاريخ جي بلند ترين سطح کي ڇُهڻ کانپوءِ اڄ ملڪ سون جي اگهه ۾ معمولي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ ملڪ ۾ في تولو سون نوَ سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک نانوي هزار ست سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي طرح ڏهه گرام سون ست سئو ٻاهتر رپيا لاٿ سان ٻه لک ڇاونجاهه هزار ستاسي رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون نوَ ڊالر سستو ٿيڻ بعد ٻه هزار اٺ سئو اڻهٺ ڊالرز ۾ وڪامي رهيو آهي.
You might also like