آسٽريليا کي جهٽڪن مٿان جهٽڪا، اهم رانديگر وڏي ڪرڪيٽ تان رٽائر

سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽر مارڪوس اسٽوئنس ون ڊي ڪرڪيٽ تان فوري رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، 74 ون ڊي ميچز ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪندڙ مارڪوس اسٽوئنس سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام ۾ پنهنجي رٽائرمنٽ جو اعلان ڪيو.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، مارڪوس اسٽوئنس ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏيڻ لاءِ ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
واضح رهي ته مارڪوس اسٽوئنس چيمپئنز ٽرافي لاءِ آسٽريليا اسڪوڊ جو حصو هو، سندس رٽائرمينٽ کانپوءِ ڪرڪيٽ آسٽريليا سندس متبادل لاءِ غور ڪري رهيو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته قومي سليڪشن پينل سيريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز جي پڄاڻي کانپوءِ چيمپئنز ٽرافي جي حتمي اسڪواڊ جو اعلان ڪندو.
ياد رهي ته ڪپتان پيٽ ڪمنز، جوش هيزل ووڊ ۽ مچل مارش اڳ ۾ ئي انجري جي سبب ٽورنامنٽ مان آئوٽ ٿي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.