ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا، ماڊل ۽ ڊانسر نورا فتيحي جي سالگرهه کان هڪ ڏينهن اڳ سندس موت جي ڪوڙي خبر سان ٿرٿلو مچائي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، مقامي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي نورا فتيحي سان جڙيل ڪوڙيون خبرون وائرل ٿيون ته هوءَ هڪ حادثي ۾ حياتي وڃائي ويٺي آهي.
سوشل ميڊيا تي وائرل ڪوڙي وڊيو ۾ هڪ عورت جبل جي چوٽيءَ تان هيٺ ڪري رهي آهي.
وائرل وڊيو ڪلپ تي هڪ سوشل ميڊيا واهپيدار لکيو ” مشهور اداڪارا نورا فتيحي جي موت بالي لاءِ بُري خبر آهي.“
ان کانپوءِ اها وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، پر اهڙين دعوائن ۾ ڪنهن به قسم جي سچائي ناهي ۽ مقامي ميڊيا نورا جي زنده هئڻ جي تصديق ڪئي آهي.
رپورٽن موجب، وڊيو کي جعلي قرار ڏنو ويو آهي ۽ اها وڊيو عوام کي ورغلائڻ ۽ غير ضروري خوف پکيڙڻ لاءِ ٺاهي وئي هئي.
ٻئي پاسي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان نورا بابت ڪوڙي ۽ غلط خبرون پکيڙيندڙن تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.