لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي تعليمي ادارن ۾ سگريٽ ڇڪڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي.
صوبائي تعليم کاتي موجب تعليمي ادارن ۾ منشيات جو استعمال روڪڻ لاءِ زيرو ٽالرنس پاليسي آهي.
هوڏانهن وزيراعليٰ مريم نواز ڪينسر کان بچاءَ جي عالمي ڏينهن تي پيغام ۾ چيو ته ڪينسر جي سڃاڻپ ۽ علاج بابت عوامي شعور ۽ آگاهي ضروري آهي، پاڪستان ۾ ڪينسر سبب ٿيندڙ موتن جي شرح ڳڻتي جوڳي آهي.
You might also like