ايف بي آر ٽيڪس چوري روڪڻ لاءِ واڌو عملو ۽ وسيلا گهري ورتا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ٽيڪس چوري روڪڻ لاءِ واڌو عملو ۽ وسيلا گهري ورتا.
ذريعن موجب ايف بي آر اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽيڪس چوري خلاف فيلڊ آپريشن ۽ انفورسمينٽ وڌائڻ چاهيون ٿا، ٽيڪس مشينري کي هر 200 رپيا آمدني بدلي رڳو هڪ رپيو ملندو آهي.
ايف بي آر چيو ته ڀارت ۾ ٽيڪس آپريشنز تي مجموعي روينيو جو 1.5 سيڪڙو خرچ ٿيندو آهي، پاڪستان ۾ ٽيڪس آپريشنز تي خرچ رڳو 0.44 سيڪڙو جي برابر آهي.
ايف بي آر موجب گذريل مالي سال پنجاب روينيو اٿارٽي جو ساليانو ٽيڪس هدف 240 ارب هو، صوبائي کاتي ۾ پگهارون ۽ مراعتون وفاقي حڪومت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن.
ايف بي آر ذريعن جو چوڻ آهي ته کنڊ، سيمينٽ، تماڪ ۽ ڀاڻ فيڪٽرين جي نگراني لاءِ رڳو ڪجهه گاڏيون آهن، اڪثر فيڪٽريون ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.