لاهور (ويب ڊيسڪ) ڊيزل جو اگهه وڌڻ کانپوءِ پاڪستان ريلويز ريل گاڏين جا ڀاڙا به وڌائي ڇڏيا.
ريل گاڏين ۾ سفر ڪندڙن لاءِ بري خبر سامهون اچي وئي، پاڪستان ريلويز ريل گاڏين جي ڀاڙن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن جو سبب ڊيزل جي اگهه ۾ واڌ کي قرار ڏنو ويو آهي.
پاڪستان ريلويز جي ترجمان ٻڌايو ته ڀاڙن ۾ واڌ 5 فيبروري کان لاڳو ٿيندي، سڀني ڪلاسز جي ٽڪيٽ ۾ 5 سيڪڙو واڌ ٿيندي.
You might also like