خوشخبري، رمضان پيڪيج تحت هر خاندان کي گهر ويٺي 10-10 هزار ملندا

لاهور (ويب ڊيسڪ) رمضان المبارڪ ۾ عوام کي 10 هزار رپيا روڪ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، اها رقم گهر جي دَر تي فراهم ڪئي ويندي.
پنجاب ۾ حقدار 30 لک خاندانن لاءِ رمضان پيڪيج تحت 30 ارب رپيا جاري ڪيا ويا.
پرائس ڪنٽرول اينڊ ڪموٽيڊيز مينيجمينٽ پنجاب جي سمري ناڻي کاتي منظور ڪري ورتي، حقدار ماڻهن کي گهر تي در تي 10 هزار رپيا فراهم ڪيا ويندا.
دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته هر هڪ خاندان کي 10 هزار رپيا رمضان پيڪيج تحت ڏنا ويندا، بينڪ آف پنجاب في خاندان پي آرڊر پاڪستان پوسٽ ذريعي گهر گهر ورهائيندي.
دستاويز موجب پي آرڊر وصول ڪرڻ کانپوءِ خاندان پنهنجي بينڪ ۾ جمع ڪرائي پيسا وصول ڪندو، خاندان کي بينڪ اڪائونٽ نه هجڻ تي بينڪ آف پنجاب جي سپر ايجنٽ وٽ وڃڻو پوندو.
دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته پي آرڊر جي ڪيش وصول ڪرڻ لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ، بائيو ميٽرڪ ڪرائڻ لازمي هوندي.
رمضان ڪيش پيڪيج فراهمي تي بينڪ آف پنجاب کي 51 ڪروڙ 9 لک رپيا سروس چارجز مد ۾ ادا ٿيندا، پاڪستان پوسٽ کي سروسز چارجز جي مد ۾ 82 ڪروڙ رپيا ادا ڪيا ويندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.