هاڻي پينو فقيرن جا سهولتڪار به نه بچندا، اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو معاملن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي طرفان پريونشن آف سمگلنگ آف مائيگرنٽس ۽ پينو فقيرن بابت سزائن ۾ واڌ جو بل متفقه طور تي منظور ڪري ورتو.
سينيٽر فيصل سليم جي صدارت هيٺ گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ حڪومت طرفان پريونشن آف سمگلنگ آف مائيگرنٽس بل پيش ڪيو ويو.
گهرو سيڪريٽري خرم آغا چيو ته انساني سمگلنگ تمام گهڻي ٿي وئي ان حوالي سان هي بل انتهائي اهم آهي، بل ۾ ڪنوڪشن ۽ سزائن بابت جوڳا قدم کڻڻ چيو ويو آهي.
سينيٽر شهادت اعواڻ چيو ته سزائون وڌائڻ جو مقصد اِهو آهي ته جوابدارن جون ضمانتون جلد نه ٿي سگهن، هي بل پاس ڪرڻ گهرجي.
گهرو سيڪريٽري خرم آغا چيو ته پهريان ان ۾ سڀ کان وڌيڪ سزا ست سال هئي هاڻي ان کي ڏهن ورهين تائين وڌايو ويندو.
ڪميٽي طرفان بل متفقه طور تي منظور ڪيو ويو.
ان کانپوءِ پينو فقيرن بابت سزائن ۾ واڌ بابت بل پڻ ڪميٽي ۾ پيش ڪيو ويو.
قانون واري وزارت چيو ته بل ۾ پينو فقيرن جي مددگارن ۽ سهولتڪارن جي سزائن ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي، هاڻي پينو فقيرن جي سهولتڪار ڪندڙن ۽ پنڻ تي مجبور ڪندڙن کي ڏهه سال سزا ملندي.
ڪميٽي پينو فقيرن بابت بل پڻ متفقه طور تي منظور ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.