اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي خاموشي سان جاڙن شهرن مان نيڪالي ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته هوريان هوريان افغانستان منتقل ڪرڻ جو منصوبو پڻ تيار ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، حڪومت رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي اسلام آباد ۽ راولپنڊي مان نيڪالي ڏيڻ ۽ هوريان هوريان کين ملڪ واپس موڪلڻ جي رٿا تيار ڪري ورتي آهي.
اختيارين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ان حوالي سان ڪو به اعلان ڪرڻ کانسواءِ منصوبي تي عملدرآند شروع ڪن.
Next Post
You might also like