ماسڪو ۾ ڌماڪو، روس نواز نيم فوجي اڳواڻ سميت ٻه ڄڻا مارجي ويا

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس تخت گاهه ۾ هڪ رهائشي عمارت جي داخلي دروازي تي ٿيل ڌماڪي ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته ٻه زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ماسڪو ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ روس نواز نيم فوجي دستي ”اربت“ بٽالين جو سربراهه آرمين سرگسيان شديد زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي هيليڪاپٽر ۾ اسپتال پهچايو ويو.
اسپتال ۾ روسي نيم فوجي دستي ”اربت“ بٽالين جي سربراهه کي بچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي پر هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته هڪ ڄڻو موقعي تي ئي مارجي ويو هو.
ڪنهن به گروهه حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي پر ڊسمبر ۾ ماسڪو ۾ ئي بم ڌماڪي ۾ روسي جنرل آئيگور ڪريلوف کي ساٿي سميت مارڻ جي ذميواري يوڪرين قبول ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.