سون جو اگهه نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو، خريدار پريشان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ وڌيڪ 200 رپيا اضافو ٿي ويو، جنهن کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 2 لک 92 هزار 400 رپيا ٿي وئي آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمتن ۾ اضافي سان گڏ ملڪ ۾ به سون جي قيمتن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 2800 ڊالر رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته پاڪستان ۾ في تولي جي قيمت 200 رپيا اضافي کانپوءِ 2 لک 92 هزار 400 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون جي قيمت 172 رپيا اضافي کانپوءِ 2 لک 50 هزار 685 رپيا ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.