گريمي ايوارڊز: البم آف دي ايئر بيونسي جي نانءُ، ٽيلر سوئفٽ جا هٿ خالي رهجي ويا

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) 67هين گريمي ايوارڊز ۾ آمريڪي گلوڪارا بيونسي البم آف دي ايئر جو ايوارڊ کٽي ورتو، جڏهن ته ڪروڙين دلين تي راڄ ڪندڙ ٽيلر سوئفٽ ڪو به ايوارڊ نه کٽيو.
ايوارڊز تقريب لاس اينجلس ۾ ٿي، جنهن ۾ گذريل 4 سالن کان ايوارڊ کٽيندڙ ٽيلر سوئفٽ هر نامزدگي ۾ هارائي وئي، جڏهن ته گلوڪارا بلي ايلش سان به ائين ئي ٿيو.
بيونسي جي ”ڪائو بوائي ڪارٽر“ سال جي بهترين البم جو ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيو، اهو پهريون موقعو آهي جو هن البم آف دي ايئر جو ايوارڊ کٽيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.