نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ اولهه بنگال جي ضلعي هوڙا ۾ هڪ عورت پنهنجي مڙس کي 10 لک رپين عيوض پنهنجو گڙدو کپائڻ تي راضي ڪيو ۽ واعدو ڪيو ته اها رقم ڌيءَ جي تعليم تي خرچ ڪندي پر آپريشن کانپوءِ عورت رقم کڻي پنهنجي عاشق سان فرار ٿي وئي.
پوليس وٽ داخل شڪايت موجب عورت پنهنجي مڙس تي هڪ سال کان دٻاءُ وجهي رهي هئي ته هو پنهنجو گڙدو کپائي مالي حالتون بهتر ڪري ۽ پنهنجي 12 ورهين جي ڌيءَ کي بهتر اسڪول ۾ داخل ڪرائي، مڙس سندس ڳالهه مڃي ۽ آپريشن کانپوءِ گذريل مهيني 10 لک رپيا گهر کڻي آيو.
زال مڙس کي آرام ڪرڻ جو چيو ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ گهران نڪري وئي، گڏوگڏ 10 لک رپيا ۽ ٻيا پيسا به کڻي وئي.
ڳولا ڪرڻ تي انڪشاف ٿيو ته عورت ڪلڪتي ۾ هڪ شخص سان رهي ٿي، جنهن جي ان سان هڪ سال اڳ فيس بُڪ تي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي هئي.
جڏهن مڙس، سَس ۽ ڌيءَ عورت کي گهر هلڻ لاءِ چيو ته هن انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته عورت جي عاشق چيو هوءَ طلاق جي درخواست ڏيندي ۽ دعويٰ ڪندي ته 16 سالن جي شادي دوران ساهرن کيس جسماني ۽ ذهني تڪليف ڏني.
عاشق ان ڳالهه کان انڪار ڪيو ته عورت ساهرن وٽان پيسا کڻي آئي، هن چيو ته هوءَ رڳو پنهنجي ذاتي بچت کڻي آئي.
پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي ۽ چيو ته عورت، سندس مڙس ۽ مبينا عاشق کان پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي ۽ پوءِ وڌيڪ ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.
You might also like