ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خاتون اول آصفه ڀٽو جي سالگرهه تي وڏي ڀيڻ بختاور ڀٽو خوبصورت انداز ۾ مبارڪباد ڏيندي چيو ته اسان کي توهان جي ڪاميابين ۽ منهنجي ٽن ٻارن جي سڀ کان پياري آنٽي هجڻ تي فخر آهي.
اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداري جي نياڻي خاتون اول آصفه ڀٽو اڄ پنهنجي 32هين سالگرهه ملهائي رهي آهي.
سالگرهه جي موقعي تي آصفه جي وڏي ڀيڻ بختاور دلچسپ انداز ۾ مبارڪباد ڏني.
بختاور ڀٽو انسٽاگرام تي هڪ ڪيڪ جي تصوير شيئر ڪئي ۽ آصفه کي ٽيگ ڪندي لکيو ته ”سالگرهه مبارڪ هجي، اسان کي توهان جي ڪاميابين تي فخر آهي، اسان کي منهنجي ٽن ٻارن جي سڀ کان پياري آنٽي هجڻ تي فخر آهي.
You might also like